مختصر خبرون

ڳوٺ مبارڪ شر جي چڱن مڙسن پاران برادري سميت فنڪشنل ليگ ۾ شموليت

پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) ڪنگري جي ڳوٺ مبارڪ شر جي چڱن مڙسن پاران برادري سميت فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جو اعلان، سيد محمد راشد شاهه راشدي تي مڪمل اعتماد جو اظهار، رپورٽ موجب، ڪنگري جي ڳوٺ مبارڪ شر جي رهواسين چڱن مڙسن بلاول شر، احمد علي خان شر، عبدالخالق شر ۽ ٻين برادري جي سوين ماڻهن سميت پيرڳوٺ پهچي حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه پير پاڳاري جي وڏي فرزند ۽ فنڪشنل ليگ سنڌ جي نائب صدر سيد محمد راشد شاهه راشدي سان ملاقات ڪري فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي شر برادري جي چڱن مڙسن بلاول شر، احمد علي خان شر ۽ بين چيو ته اسان فنڪشنل ليگ جي منشور توڙي عوامي خدمت واري جذبي کان متاثر ٿي فنڪشنل ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي جڏهن ته اسانکي فنڪشنل ليگ سنڌ جي نائب صدر سيد محمد راشد شاهه راشدي تي مڪمل اعتماد ڪيون ٿا. هوڏانهن سيد محمد راشد شاهه راشدي ڄاڻايل شر برادري جي چڱن مڙسن کي پارٽي ۾ شموليت تي ڀليڪار چيو ۽ جلد ڳوٺ مبارڪ شر پهچي ڳوٺاڻن سان گڏجاڻي جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي فنڪشنل ليگ اڳواڻ سيد زاهد حسين شاهه راشدي، فقير علي شير منڱريو، فقير محمد بخش مهيسر، ايڊوڪيٽ مجيب الرحمان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button