مختصر خبرون

گڏاپ تعلقي جي 31 ڳوٺن کي ليز سندون ورهائڻ واري تقريب يونين ڪائونسل گڏاپ ۾ ٿي گذري

ملير: گڏاپ تعلقي جي 31 ڳوٺن کي ليز سندون ورهائڻ واري تقريب يونين ڪائونسل گڏاپ ۾ ٿي جنهن ۾ خاص مهمان طور صوبائي وزير ساجد جوکيو، پ پ اڳواڻن جاويد تاج، نور حسن جوکيو، امداد جوکيو ۽ علي احمد جوکيو موئيدان جي ستن، گڏاپ جي چئن، گوندرن جي ڇهن ڳوٺن، رئوف خاصخيلي، روزي گوندر، ڏيپار گوندر، نواز گوندر، مٺو ڪانڙو، يار محمد ڪانڙو ۽ جبل ڪانڙو ڳوٺن سميت 31 ڳوٺن جي ڳوٺاڻن ۾ سندون ورهايون. ان موقعي تي تقريب ۾ شريڪ ڳوٺاڻن جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي عشر ۽ زڪوات جي صوبائي وزير ساجد جوکئي چيو ته اسان قديم ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ واري اعلان تي عمل ڪندي سمورن ڳوٺن کي ليز جون سندون ڏئي رهيا آهيون ۽ باقي جيڪي ڳوٺ بچيا آهن تن کي جلد سندون ڏنيون وينديون. هن چيو ته سياسي مند ۾ ڏيڏرن جو ٽران ٽران سان ملير ۾ ڪو به فرق نٿو پوي، ملير ڪالهه به پ پ جو ڳڙهه هيو اڄ به آهي، ايندڙ چونڊن ۾ سڀني کي خبر پئجي ويندي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي. هن چيو ته ملير ضلعي ۾ مقامي ادارن کي پابند ڪري سموريون بنيادي سهولتون ڏنيون پيون وڃن ۽ هاڻ ڪو به ڳوٺن خلاف ڪاروائي نه ڪري سگهندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button