آرٽيڪل

گهڻي مردين هر نه هلي وارو محاورو ۽ مفاهمتي پاليسي

نواب ڪلهوڙو
Sindh administrative1جيتوڻيڪ سڄي ملڪ ۾ مفاهمتي پاليسي تي عمل ڪندي روايتي مخالفن کي ميڙڻ جو سلسلو ته تمام تيزيءَ سان هلي رهيو آهي پر ان لوڌ سبب اتي اڳواٽ ئي موجود ڪارندن کي يا ته ڀت سان لڳڻو پيو آهي يا وري اهي جن جي مخالفت ڪندي سينو ساهي ڏکئي وقت ۾ پي پي سان وفاداري ڪري چڪا هئا تن کي ساڳين ئي مخالفن جو مفاهمتي مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪرڻو پئجي رهيو هئو ۽ شايد اهي ئي سبب هئا جا حڪومتي ڌر جا ڪيترائي اهڙا سگهارو ماڻهو يا ته پراسرار نموني چپ ٿي ويا آهن يا پنهنجي روايتي انداز ۾ اڄ به کليو ڳالهائي حڪومتي ڌر ۾ پاڻ کي اوپرو رکندا پئي آيا.
پاڻ صرف نوشهري فيروز ضلعي ۽ خاص ڪري ڪنڊياري تعلقي تي نظر وجهون ته اهڙي ئي هڪ شخصيت جو جنم هن علائقي ۾ ٿيڻ سبب سياسي اٿل پٿل ۽ ڀڃ ڊاهه جو مرڪز رهندو پيو اچي،اسان ڏسون پيا ته موجوده اسيمبلين ۾ سڀ کان سينيئر پارليامينٽر ۽ ايم اين اي سيد ظفر علي شاهه جنهن ڏينهن کان قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي راءِ جو کليو اظهار ڪيو ته ان ڏينهن کان هڪ طرف ته کيس ڀت سان لڳايو پيو وڃي ته ٻئي طرف ساڳئي بنگلي ۽ ساڳئي علائقي ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي ابتڙ نين روايتن جي شروعات ڪندي نواڻ آڻيندڙ ايم پي اي ڊاڪٽر احمد علي شاهه جي ڏينهن رات جي جاکوڙ پڻ لوڙهڻ جا سانباها پيا ڏسجن ته ٽئين طرف ٽيڪنيڪل انداز ۾ مٿن نوشهري فيروز جي ڀريا تعلقي سان تعلق رکندڙ هڪ اهڙي ماڻهو کي بڇيو وڃي ٿو جنهن جو بنيادي قد،ڪاٺ شايد ايترو نه هجي بلڪه اهو پڻ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اهو ساڳيون ماڻهو ماضيءَ ۾ غربت سبب شايد ساڳين درٻيلي جي سيدن وٽان اسڪالر جي نالي تي ڪجهه وٺي چڪو هجي ۽ ان اسڪالر تي ئي پيٽ گذر يا پڙهائي مڪمل ڪري چڪو هجي. ان سبب جي ڪري ئي ڪو هڙ حاصل نه ٿيڻ بعد هڪ سردار گهراڻي سان تعلق رکندڙ شخصيت کي ميدان ۾ لاهيندي کيس وقتي طور تي وڏو پروٽوڪول ڏنو وڃي ٿو پر سينيٽ جي ووٽن ۾ هياءٌ نه جهلي سگهڻ سبب ٻيهر يو ٽرن وٺڻو پئجي وڃي ٿو ۽ انهن سياسي پينترن جي ممڪنه ناڪامي کي نظر ۾ رکندي درٻيلي مان ئي سيد ظفر علي شاهه جي روايتي سياسي حريف سئوٽ ۽ اڳوڻي مملڪتي وزير سيد اصغر علي شاهه کي پي پي ۾ شموليت ڪرائي وڃي ٿي ته هوڏانهن پنهنجي سهري جي مبينه ڪرپشن کي لڪائڻ بهاني ٻه ڀيرا پي پي کي ٽڪيٽ واپس ڪندڙ سيد سرفراز علي شاهه کي پي پي ۾ شموليت ڪرائي وڃي ٿي ته هوڏانهن سدا بهار ايم پي اي سيد مراد علي شاهه ۽ مورو مان جمالي خاندان کي پڻ پي پي ۾ اعلان ڪرايا وڃن ٿا ۽ ان بعد ڌڙا ڌڙ اعلانن جو سلسلو شروع ٿي رهيو آهي جنهن طرف هڪ طرف ته ان علائقي ۾ پي پي جي ظاهري ڪاميابي جون دعوائون ته ٿي رهيون آهن پر ٻئي طرف مٿئين محاوري کي نظر ۾ رکندي غور ويچار ڪيو وڃي ته صورتحال ڪجهه مختلف آهي. هڪ طرف ته جيڪڏهن هن تڪ ۾ پي پي کٽي به وڃي ٿي ته اهو ڪو ڪمال نه هوندو ڇوته هتي اڳ ۾ به پي پي ئي کٽيندي ئي آئي آهي سواءِ هڪ دور جي جڏهن سيد آفتاب علي شاهه اين پي پي جي پليٽ فارم تان ڪاميابي ماڻي هئي جڏهن ته ٻئي طرف ظاهري طور تي صرف وڏيرا پي پي ۾ اعلان ڪري رهيا آهن باقي عوام بيزار نظر پيو اچي ۽ جيڪڏهن چونڊ صرف وڏيرن سان کٽي سگهجي ٿي ته اين پي پي هنن علائقن ۾ ضرور ڪاميابي ماڻي هان نه ڪي پي پي. ٽئين طرف ته شخصيتون ڀلي ڪيتريون به اعلان ڪن پر سيٽون ته ساڳيون آهن جن تي پڪ سان صرف هڪ هڪ ماڻهو ئي بيهاري سگهجي ٿو ان صورت ۾ باقي ماڻهو صرف اي ٽي ايم مشين طور استعمال ٿي سگهن ٿا باقي کٽاڻ ٺاهڻ جي ڪم ته نه ايندا. جڏهن ته ڪجهه ماڻهو شايد ان علط فهمي ۾ به مبتلا آهن ته پي پي جهڙي وڏي پارٽي ۾ هو ڪجهه ايجنٽن معرفت ڳري رشوت عيوض سيٽون حاصل ڪري وٺندا. پاڻ پي ايس 21 تي اچون ته هن وقت تائين موجوده ايم پي اي ڊاڪٽر احمد علي شاهه،اڳوڻي ايم پي اي سيد آفتاب علي شاهه، ڪنڊياري جو اڳوڻو تعلقه ناظم ۽ اين پي پي کي ڇڏي ان آسري تي ئي پي پي ۾ شامل ٿيندڙ سيد سرفراز حسين شاهه اڳوڻي مملڪتي وزير سيد اصغر علي شاهه،سردار شاهنواز خشڪ يا مقصود خشڪ ايم پي جا اميدوار آهن جن مان جيڪڏهن سيد اصغر علي شاهه کي پي ايس 20 لاءِ راضي به ڪري وٺجي ٿو ته به رات ڏينهن جاکوڙيندڙ موجود ايم پي اي ڊاڪٽر احمد علي شاهه کي نظر انداز ڪيو ويندو؟ يا ڏکئي وقت ۾ پي پي جو ساٿ ڏيندڙ پي پي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر اڳوڻي ايم پي اي ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار ۽ پي پي تعلقي ڪنڊياري جي صدر سيد عابد علي شاهه جي والد سيد آفتاب علي شاهه کان روايتي طور تي هن ڀيري به قرباني ورتي ويندي؟ يا اين پي پي سان پنجاهه سالن جو تعلق ٽوڙي پي پي ۾ شموليت ڪندڙ سيد سرفراز حسين شاهه،سردار شاهنواز خشڪ يا مقصود خشڪ کي قرباني جو ٻڪرو بنايو ويندو؟ هوڏانهن جي سيد اصغر علي شاهه کي پي ايس 20 تي راضي ڪيو وڃي ٿو ته اتي پي پي جو ضلعي صدر عوام دوست صوبائي وزير ۽ ايم پي اي عبدالحق ڀرٽ،سدا بهار ايم پي اي سيد مراد علي شاهه پڻ ايم پي اي جا اميدوار آهن ۽ سيد اصغر علي شاهه جي ننڍي ڀاءُ سيد اڪبر علي شاهه يا ان جو پٽ سيد آصف علي شاهه پاران اين پي پي ۾ شموليت جي اعلان بعد سيد اصغر علي شاهه کي پي ايس 20 جي ووٽن ۾ ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي،جڏهن ته اهو پڻ هڪ وڏو الميو آهي ته ڇا ملڪ جي سڀ کان سينيئر پارليامينٽر ۽ اڪثر طور تي سدائين ايوانن ۾ رهندڙ ايم اين اي سيد ظفر علي شاهه کي اڪيلو ڪرڻ سان ان سان ويجهڙائي رکندڙ ٻيا پارليامينٽر ساڻس ايڪو ڪرڻ بجاءِ خاموشي اختيار ڪندا؟ ۽ آسانيءَ سان ان کي ڀت سان لڳائي سگهبو؟هوڏانهن واري موري ۾ جمالي خاندان جي پي پي ۾ شموليت جي اعلان بعد ڇا رحمت الله بهڻ يا پي پي ضلعي نوشهري فيروز جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار بهڻ جهڙين انهن شخصيتن کي نظرانداز ڪيو ويندو جن ان وقت ۾ پي پي سان ساٿ نڀايو جڏهن نوشهري فيروز ضلعي ۾ پي پي جو نالو وٺڻ به ڏوهه تصور ڪيو ويندو هئو،هوڏانهن وري ٻئي رخ کي ڏسون ته سنڌ راڻيءَ جي شهادت جي المناڪ واقعي بعد به پي پي جي طوفان سان مقابلو ڪندڙ ۽ ذاتي ۽ انفرادي حيثيت ۾ تڪ ۾ سڀ کان گهڻا ووٽ رکندڙ سيد ابرار علي شاهه،ڪچي واري علائقي ۾ وڏو اثر رسوخ رکندڙ سيد اڪبر علي شاهه، جتوئي خاندان جا پارٽي ۽ دوستاڻه ووٽ،توڙي پي پي پاران نظرانداز ڪيل،جبري قرباني ورتل،ناراض ۽ مايوس ووٽر،هن ڀيري پي پي جي مفاهمتي پاليسين سبب ان کان بيزار ٿيل اصل ۽ حقي قومپرست،اردو ڳالهائيندڙ، مسلم ليگ ن،فنڪشنل ليگ،تحريڪ انصاف،سميت سموريون پي پي مخالف ڌريون گڏجي پڻ هڪ وڏي انگ جي شڪل اختيار ڪري سگهن ٿا،تنهنڪري صرف اهو سوچڻ ته ڪاميابي بنان مقابلي يا هڪ طرفي هوندي ته اهو نظر نه پيو اچي. وڌيڪ خبرون مقرر ڏينهن تي پونديون ڇوته اسان جو عوام سدائين کان بيوقوف ٿيندو آيو آهي تڏهن ته هن وقت ڪجهه به طئه ڪرڻ قبل از وقت هوندو باقي اهو هڪ چٽو سچ آهي ته اصل فيصلو عوام وٽ ئي آهي بشرطيڪ ان کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو ڏانءٌ هجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button