ڪراچي

گهگهر ۾ سوئي گئس جي فراهمي نه هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

gas pipe lineملير (سامي ميمڻ) گهگهر ۾ سوئي گئس جي فراهمي نه هجڻ خلاف سوين ماڻهن جو احتجاجي مظاهرو، مارچ ۽ ڌرڻو، گذريل ٻن مهينن کان مسلسل احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهيون پر عوامي مطالبي طرف چونڊيل نمائندا ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، عيد کانپوءِ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو (عوامي تحريڪ): تفصيل موجب گهگهر ۾ اعلانيل سوئي گئس جي فراهمي نه هجڻ خلاف عوامي تحريڪ طرفان هر مهيني احتجاج ڪرڻ واري اعلان تحت ڪالهه سوين ماڻهن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ ڪراچي جي جنرل سيڪريٽري عبدالله ٻپڙ، گهگهر جي صدر محمد علي ٻٻر ۽ ايوب انڙ ڪري رهيا هئا. احتجاج ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جيڪي گهگهر جي ڪلمتي ۽ زهراڻي مارڪيٽ ۽ مختلف بازارن مان گشت ڪندا گهگهر کي بنيادي سهولتون ڏيو، گئس ۽ پاڻي ڏيو جا نعرا هڻندا رهيا. گهگهر جي مين چوڪ تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي عبدالله ٻپڙ چيو ته صدين کان آباد گهگهر جا رهواسي بنيادي سهولتن کان محروم آهن، گذريل ٻن سالن کان گهگهر لاءِ گئس جي فراهمي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو، پر اڃا تائين گئس پائپ لائن وڇائڻ جو ڪم به شروع نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گئس پائپ لائن وڇائڻ ۽ گئس جي فراهمي تائين عوامي تحريڪ هر مهيني جدوجهد هلائڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تحت هي ٻيو مظاهرو ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن عيد تائين گئس فراهم نه ڪئي وئي ته عيد کانپوءِ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو. محمد علي ٻٻر ۽ ايوب انڙ چيو ته گهگهر جي رهواسين هميشه پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏنا آهن، پر پيپلز پارٽي پنهنجي ووٽرن جو قدر نه ڪيو آهي، کين ٻيون ته سهولتون نه مليون آهن، پر گئس جهڙي بنيادي نعمت کان به کين محروم رکيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ايم اين اي شير محمد بلوچ ۽ ايم پي اي ساجد جوکيو گئس جي فراهمي ۾ دلچسپي وٺي گهگهر واسين کي گئس فراهم ڪن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪندي عيد کانپوءِ چونڊيل نمائندن جي آفيسن جو گهيراءُ ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button