مختصر خبرون

گهگهر جا قديمي ڳوٺاڻا جديد دور ۾ بنيادي سهولتن کان محروم

ملير:گهگهر جا قديمي ڳوٺاڻا جديد دور ۾ بنيادي سهولتن کان محروم، هاڻوڪي پيپلز پارٽي حڪومت ساڍن چئن سالن گذرڻ باوجود علائقي ۾ هڪ به ترقياتي ڪم نه ڪرائي سگهي، ڳوٺاڻن جو احتجاج تفصيل موجب بن قاسم تعلقي واري علائقي گهگهر جي قديمي ڳوٺن مورند خان قيصراڻي، حاجي جبلي گبول ڳوٺ، پير بخش قيصراڻي ڳوٺ ۽ حاجي علي شير ڳوٺ جا رهواسي هن جديد دور ۾ به پاڻي، بجلي ۽ گيس جي بنيادي سهولتن کان محروم آهن جڏهن ته هڪ مهينو اڳ خالي پلاٽ تي ڪاغذن ۾ ڏيکاريل گلشن منهال کي بجلي ڏيڻ لاءِ کنڀن لڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جيڪو عمل هتان جي قديمي ڳوٺاڻن سان ناانصافي آهي. ڳوٺاڻن عبدالجبار، محمد علي، عبدالغفار، زين العابدين، اسحاق گبول ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان شروع کان وٺي هيستائين پيپلز پارٽي جا ووٽر رهيا آهيون، لڳاتار احتجاجن ۽ درخواستن ڏيڻ باوجود پيپلز پارٽي جي هاڻوڪي حڪومتي دور کي ساڍا چار سال گذرڻ باوجود سکڻا آسرا ۽ دلاسا ڏئي موٽايو وڃي ٿو. هنن چيو ته هڪ پاسي اسان قديمي ڳوٺاڻا پاڻي ۽ بجلي لاءِ ڪيتري ئي عرصي کان دانهون ڪري رهيا آهيون ان باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button