مختصر خبرون

گهريلو تڪرار تان هالاڻيءَ جي ماڇي برادري ۾ جھيڙو

ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ عيسو ماڇي ۾ زال ۽ مڙس وچ ۾ ٿيل معمولي گهريلو تڪرار تان هالاڻيءَ جي ماڇي برادري جي سهري پنهنجي هٿياربند ساٿين سميت پنهنجي نياڻي جي گهر مٿان هلان ڪري پنهنجي گهر ڌڻي نياڻي جميل،ان جي امڙ ميران،ڀيڻ وحيدان،ڀاڻج وسيم ۽ ڀائرن گلشن ۽ عبدالرزاق ماڇي سميت ڇهن ڄڻن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بنائي مرڻينگ حالت ۾ ڦٽو ڪرڻ بعد پنهنجي ڌيءُ کي وٺي وڃڻ بعد فرار ٿي ويا،جڏهن ته ڳوٺاڻن پاران زخمين کي ڪنڊيارو جي تعلقه اسپتال ۾ آندو ويو جتي زخمي جميل ماڇي الزام هڻندي چيو ته هن جي پنهنجي ونيءَ سان گهر جي هڪ معمولي ڳالهه تي منهن ماري ٿيڻ بعد سندس هالاڻي واسي سهري محبوب ماڇي پنهنجي هٿياربندن ساٿارين جي مدد سان سندس گهر تي هلان ڪرڻ بعد کيس ۽ سندس گهر وارن کي تشدد جو نشانو بنائڻ بعد سندس ونيءَ کي زبردستي ساڻ وٺي ويا آهن جن خلاف ڪيس داخل ڪرائيندس.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button