مختصر خبرون
گلگت بلتستان ۾ علامھ ناصر عباس جعفريءَ جي داخلا تي پابندي خلاف پر امن ريلي
لاڙڪاڻو (رپورٽ: بختياربگٽي)مجلس وحدت مسلمين پاڪستان سنڌ پاران لاڙڪاڻي ۾ شيعا جي سياسي ، سماجي توڙي ماتمي انجمن جي سڏ تي صوبي گلگت بلتستان ۾ علامھ ناصر عباس جعفريءَ جي داخلا تي پابندي ھڻي سندس گرفتاري لاءِ وارنٽ جاري ڪرڻ واري عمل خلاف لاڙڪاڻي شھر ۾ پر امن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنھن جي اڳواڻي سيڪيٽري جرنل طارق بدري ۽ عابد منگي ڪئي ريلي ۾ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ توڙي ڪارڪن احتجاجي ريلي ۾ موجود ھئا ھنن مطالبو ڪندي چيوتھ پاڪستان حڪومت توڙي عدليھ دھشتگردآزاد ۽ مظلوم قوم ۽ پر امن شھري تي پابندي واري پاليسي بند نھ ڪئي وئي تھ عوام ۾ مايوسي پئجي ويندي ھنن چيوتھ اھڙي عمل سان ملڪ جي شڪست ۽ملڪ دشمن قوتن جي فتح ھوندي جنھن جي زميواري ملڪ جي حڪمرانن تي ھوندي.