گدلاڻ خلاف ڪم ڪندڙ تنظيمون ڪٿي آھن؟
گھگھر جو سـُڪل ڍورو، ڪارخانن جو زھريلو پاڻي ۽ موت ڏانھن وڌندڙ ماڻھو
سامي ميمڻ
ڪراچي جي ڪپ تي صدين کان موجود گھگھر واسي پنھنجي ڌرتي سان محبت ۽ دشمن سان وڙھڻ جي پنھنجي تاريخ رکن ٿا. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ھي ماڻھو پنھنجي زمين، وسيلن ۽ تاريخي ورثن جي بقا لاءِ ھر حملي آور سان مھاڏو اٽڪائيندا رھيا آھن. انگريز ليکڪ رچرڊ برٽن پنھنجي ڪتاب (نئين مصر جا پراڻا ورق) ۾ گھگھر ۽ وٽيجي جي باغ جو ذڪر ڪيو آھي. ڪيترن تاريخدانن ۽ تحقيقات ڪندڙن گھگھر نئين (ندي) وٽيجي باغ (سسئي پنھون جا باغ) گھارو ڪريڪ، سسئي جي پنڌ ۽ پيچرن، ديھھ جوريجي ۽ ديھھ گھگھر جي تاريخي حيثيت تي لکڻ لاءِ پنھنجون جتيون گسائي ڇڏيون. گھگھر رياست جي انھن اصلوڪن رھواسين ۽ اڻ موٽ ماڻھن کي پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ميسارڻ سندن تاريخي حيثيت ۽ مالڪي ج نشان ڊاھڻ لاءِ جيڪي ذھني ۽ نفسياتي اٽڪلون ڪيون ويون ۽ اڏول ۽ بھادر ماڻھن کي لالچون ڏئي قانون جون ڪوڙڪيون وڇائي کين ڊيڄاري ھيسائي منجھايو ويو، تن سازش جو مقابلو ھي ماڻھو نھ ڪري سگھيا.
وقت ڦيرو کاڌو ۽ سڀ ڪجھھ اجڙي ويو، ڪالھھ جو سرسبز علائقو جتي وٽيجي باغ جون کجيون، وڻ کرا ڀريل ھئا،گھگھر جو ڍورو (نئين) تار وھندو ھو، ڪنارن تي آباد ماڻھو خوشحال ۽ سکيا ھئا ۽ پوءِ ڪنھن بدبخت جي نظر کائي وئي، سڀ ڪجھھ اک ڇنڀ ۾ تباھھ ٿي ويو، ديھھ جوريجي ۽ گھگھر ۾ ويٺل ماڻھن کي ملڪ تي ترقي جي نالي تي لٽايو ويو. ھنن پنھنجي تريخي ورثن جي پـُرگھور نھ ورتي، وٽيجي باغ جو حسن اُجڙي ويو، وڻ سـُڪي ويا، کيت بيابان ٿي ويا، نديون نالا ماتم ۾ آھن، نھ زمين ڌبي، نھ زلزلو آيو، نھ ماڻھو مـُئا، پر پوءِ بھ سڀ ڪجھھ ختم ٿي ويو.
ھاڻ رڳو باقي بچيل ماڻھو ۽ پراڻا نشان وڃي بچيا آھن، اڄ بھ گھگھر نئين خالي پيٽ ۾ سـُڪل ڪپن سوڌو موجود آھي، اڄ بھ ڪي ڳوٺ پنھنجي پراڻي حيثيت ۾ موجود آھن، جڏھن تھ سمورن پراڻن ڳوٺن جا ڦٽل نشان پنھنجي ھجڻ جو احساس ڏيارين ٿا.
سـَچ ڪ سـُڪو ڍورُ، ڪـَنڌيءَ اَڪَ ڦـُلاريا،
جنگن ڇڏيو زور، سـَـرُ سـُڪو، سؤنگي کيا؟ (شاھھ)
ترجمو: (سچ تھ ڍورو (نئي) سـُڪي ويو آھي ۽ ان جي ڪپ تي اڪ جا وڻ ڦلاريا بيٺا آھن، جھنگن جو زور ٽـُٽي پيو آھي، سـرُ سـُڪي وڃڻ ڪري وڻج واپار ۽ محصول وٺندڙ بھ وڃڻ کي ويا).
گھگھر نئين جيڪا ديھھ جوريجي ۽ ديھھ گھگھر جي جابلو ٽڪرين کان شروع ٿي وٽيجي باغ ڀرسان گھارو ڪريڪ وٽ ڇوڙ ڪري ٿي، سا برسات پوڻ سبب جابلو ٽڪرين تان پاڻي وھڻ ڪري تار وھندي ھئي، تڏھن سندس جوڀن ڏسڻ وٽان ھو، گھگھر نئين جڏھن پاڻي سان ڀرجندي ھئيتھ ھو ڪپن کي اورانگھي وٽيجي باغ ۽ کيتن کي ريج ڏيندي ھئي، وڻن کان علاوه ڪپن پنن۾ ساھھ پئجي ويندو ھو، نئين ڀرسان کوھن ۾ مٺو پاڻي تار ڀرجي ويندو ھو، ماڻھو مال خوشي ۾ جشن ڪندا ھئا. نئين ڀرسان قائم ڳوٺن خان محمد ڳوٺ، رحيم ڏنو ڳوٺ، نور محمد ڳوٺ، مورند ڳوٺ، حاجي ابراھيم ڳوٺ، سوڍو ڳوٺ، حاجي ڪرمي ڳوٺ، رئيس پير محمد ڳوٺ، امين محمد ڳوٺ، قاسم ڳوٺ، علي محمد ڳوٺ، سليمان ڳوٺ، جمع ڳوٺ سميت ڪيترائي ڳوٺ جيڪي ھوندا ھئا.
ڪر ڪي ڳالھڙيون ڪنڊا ! ڌڻين جون،
ڪيئن سي راتڙيون، ڪنھن پر ڏينھن گذارئين! (شاھھ)
ترجمو: (اي ڪنڊا وڻ ! ڍور (نئين) جي مالڪن جون ڳالھيون تھ ٻڌاءِ تھ تون اوج واريون راتيون ۽ ڏينھن ڪيئن گذاريندو ھئين)
حياتي بخشيندڙ گھگھر جو ڍورو (نئين) ۾ اڄ پراڻا ڪک ڪانا ڪنڊا ۽ گاھھ بيٺل آھي، اھي اڄ بھ اندر جون اکيون ۽ زبانون رکندڙ سان پراڻا سار سور سلين ٿا. جيڪڏھن اڄ ڪجھھ بھ نھ آھي تھ رڳو برساتن جو ٿڌڙو مٺو پاڻي ڪونھي، اھو مالڪي ڪندڙ ماڻھو ڪونھي، نيئن يتيم ٻار جيان ڌارين وٽ يرغمال آھي، سندن پيٽ ۾ اڄ ڪارخانن جو گندو ۽ زھريلو پاڻي ڇڏيو پيو وڃي، اڄ ان ڍوري جي ڪپ تي ڪو اچي ويھي تھ کيس گھگھر نئين جي ننڌڻڪائي محسوس ٿئي. ديھھ جوريجي ۾ قائم ڪيل ڪارخانن فوجي فرٽيلائيزر آءِ سي آءِ ڀاڻ فيڪٽرين، دوائن ۽ ڪيميڪل ٺاھيندڙ فيڪٽري جي سرمائيدارن پنھنجي ڪارخانن جو زھر ڀريل پاڻي نئي ۾ ھاري ڄڻ تھ گھگھر واسين جي سن ۾ زھر اوتي ڇڏيو آھي.
سياڻن سچ چيو آھي تھ جڏھن ڌرتي ڌڻي ۽ وسيلن جا مالڪ ڪمزور، سست ۽ مصلحت پسند ٿي ويندا آھن تڏھن انھن کان نھ رڳو پنھنجو نصيب رسي ويندو آھي، پر سندس تاريخ، مزين، نديون، نالا، ڍورا ۽ ڇڇ بھ منھن موڙي ويندا آھن. گھگھر جيئن بھ گھر واسين کان رٺل آھن، ھزارين ڌڻين ھوندي بھ کيس گند سان ڀريو پيو وڃي. ھن ملڪ ۾ رڳو ناڻو ۽ نالو ڪمائڻ لاءِ ماحولياتي گدلاڻ خلاف ڪم ڪندڙ تنظيمون اکين تي کوپا چاڙھيون ڪراچي شھر جي ايئرڪنڊيشن ڪمرن کان ٻاھر نھ ٿيون نڪرن، ماحوليات کي بھتر بنائڻ لاءِ حڪومتي اُپاءُ نسورو ڪوڙ تي ٻڌل آھن، سڌريل ملڪ انسانن جي حياتي بچائڻ ۽ ماحول کي صاف رکڻ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪندا آھن ۽ ھتي ڪروڙين رپيا انسانن کي مارڻ لاءِ خرچ ڪيا پيا وڃن. ڪير آھي جو انھن ڪارخانن جي مالڪن کي چوي تھ اوھان مقامي ماڻھن کي روزگار تھ نٿا ڏيو پر سندن حياتين پويان ڇو ھٿ ڌوئي پيا آھيو.
گھگھر نئي مان ورھندڙ زھريلو پاڻي ھيستائين 500 کان وڌيڪ چوپايو مال جنھن ۾ ٻڪرين جو وڏو تعداد شامل آھي مري ويو آھي، اڄ بھ ڪيترين ٻڪرين جا ھڏاوان پڃرا گھگھر نئي جي ڪنارن تي احتجاج طور موجود آھن، ھتان جي ڳوٺاڻن جو اڪيلو وسيلو مال بھ مري رھيو آھي، ماڻھو ڍوري ڀرسان کوھن جو پاڻي استعمال ڪن ٿا، جيڪو پڻ زھريلو ٿي پيو آھي.
تازو گھگھر نئي ۾ وھندڙ گندي پاڻي کي سنڌ ليبارٽري مان چڪاس ڪرايو ويو تھ تصديق ٿي آھي تھ پاڻي ۾ خطرناڪ زھر موجود آھي. رپورٽ موجب پاڻي ۾ ڪيميڪل فاسفورس 90 سيڪڙو، فاسفيٽ 100 سيڪڙو، ڪاربونيٽ 30 سيڪڙو شامل آھي، جيڪو مال سان گڏ انسانن کي موت جي منھن ۾ ڌڪڻ لاءِ ڪافي آھي. ان رپورٽ پڌري ٿيڻ کان پوءِ اڃا نئين سرڪار ان خلاف ڪو بھ قدم نھ کنيو آھي، قومي اخبارن جي دعويٰ ڪندڙ ادارن ھڪ سٽ بھ شايع نھ ڪئي آھي. ھنن وٽ خيريت جو مور دائرو شايد رڳو شھر تائين محدود آھي. ھن وقت سوال ھي آھي تھ آخر اسان جي نسلن ۽ تاريخي ورثن کي ھن آلودگي، حڪمرانن، سرمائيدارن ۽ ڪامورن جي حملن کان ڪيئن بچائجي. ان جو حل ھي ٿي سگھي ٿو تھ گھگھر واسين سان حڪومت جي ڪيل ان قرب مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ سمورا ملير واسي اٿي کڙا ٿي پاڻ ۾ گڏجن، پنھنجي پراڻي اباڻي تاريخي اھميت ۽ حيثيت کي اجاگر ڪن ۽ اھڙي جدوجھد ڪن جو دشمنن کي ڏندين آڱريون اچي وڃن. باقي اسان جي ڪوڙي محبت واري دعويٰ عجوام دوستي ۽ ڌرتي سان محبت وارو نعرو نڪي ماري ٿو ۽ جيئڻ ٿو ڏي.
ڪنڍي ڪلين وچ ۾ جڏھن ھنيائون،
موت نھ ماريائون، ڏور ڏيئي ويا ڏک جي ! (شاھھ)
ترجمو: (جڏھن منھنجي پرين مون کي ڪلين ۾ قرب جي ڪنڍي ھنئي، تڏھن مون کي اڦٽ نھ ماريائون، پر ھميشھ لاءِ مون کي جھوريءَ جو ڌاڳو وجھي ويا.