گاجا واهه کي گهارو، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويو
رپورٽ: فهيم ڀٽي ، ٽنڊو محمد خان
ٽنڊو محمد خان جي گاجا واهه کي 30 فوٽ گهارو، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويو، آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان، ايم پي اي عبدالڪريم سومرو گهاري جي هنڌ جو معائنو ڪري گهاري پوڻ جو سخت نوٽيس ورتو ، تفصيل موجب آچر ڏينهن ٽنڊو محمد خان جي گاجا واهه ، ڳوٺ ممڻ پر ڀرسان واهه کي 30 فوٽ گهارو پئجي ويو ، جنهن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ علائقي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻا خوف سبب پنهنجي ڳوٺن مان لڏپلاڻ ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويا ، جنهن ۾ ڳوٺاڻن ۽ آبپاشي کاتي جي عملي 14 ڪلاڪن جي وڏي جاکوڙ سان گهاري کي بند ڪري ورتو آهي ، جنهن جي بعد لڏپلاڻ ڪري ويل ڳوٺاڻا واپس پنهنجي ماڳن تي موٽي آيا آهن ، جنهن ۾ سوين ايڪڙ آبادي واري زرعي زمين پاڻي هيٺ اچڻ ڪري آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان رسيو آهي ، جڏهن ته ايم پي اي عبدالڪريم سومرو گهاري واري هنڌ جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ گهاري پوڻ بابت آبپاشي کاتي جي ايس ڊي او نياز عالماڻي ۽ ٻين کان پڇاڻو ڪيو ۽ رپورٽ ورتي ، جنهن ۾ کين گهاري پوڻ بابت کيس مڪمل رپورٽ ٻن ڏينهن ۾ ڏيڻ لاءِ پابند ڪري گهاري جي بابت سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ آبپاشي جي صوبائي وزير سيف الله ڌاريجو کي آگاهي ڏيڻ ۽ آبپاشي عملي جي ڪوتائي جي نوٽيس وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته جن به آبادگارن جي فصلن کي نقصان رسيو آهي ، ان جي مڪمل سروي ڪرائي آبادگارن کي جلد معاوضو ڏنو ويندو ، هوڏانهن گاجا واهه جي بند تان غير قانوني طور وڻن جي وڍائي بابت پڻ ايم پي اي عبدالڪريم سومرو نوٽيس وٺي ، آبپاشي عملدارن کي وڻن جي ڪٽائي بند ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي