ڪڻن تحت ٽريڪٽر ڏيڻ واري اسڪيم ۾ هارائيندڙ آبادگارن کي جمع ڪرايل رقم واپس نه ٿي
حيدرآباد:سنڌ حڪومت پاران سبسڊي تي ٽريڪٽر ڏيڻ لاءِ شروع ڪيل اسڪيم ۾ حصو وٺڻ بعد قرعه اندازي ۾ هارايل سنڌ جي 14 هزار ننڍن آبادگارن کي جمع ڪرايل رقم 35 ڪروڙ رپيا واپس نه ٿيا،زراعت کاتو آبادگارن جي رقم واپسي بجاءِ کين حبيب بئنڪ ڪراچي وڃڻ جو ڏس ڏيڻ لڳو، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت پاران هر سال سنڌ جي ننڍن آبادگارن کي سبسڊي تي ٽريڪٽر ڏيڻ واري اسڪيم تحت هن سال گذريل سال جي لپيٽ ۾ 60 سيڪڙو گهٽ ننڍن آبادگارن قرعه اندازي تحت سبسڊي تي ملندڙ ٽريڪٽرن واري اسڪيم ۾ حصو ورتو، 6 هزار ٽريڪٽرن واري اسڪيم ۾ اٽڪل 19 هزار کن ننڍن آبادگارن 25 هزار رپين جا بئنڪ ڊرافٽ اٽڪل 5 مهينا اڳ جمع ڪرايا هئا، جنهن بعد اسڪيم جي قرعه اندازي اپريل ۾ سي ايم هائوس ڪراچي ۾ حبيب بينڪ پاران ڪرائي وئي، جنهن ۾ 6 هزار ٽريڪٽرن جي حاصلات لاءِ گهربل رقم جمع ڪرائي ۽ سبسڊي جي رقم حاصل ڪرڻ لاءِ 15 جون آخري تاريخ مقرر ٿيل هئي، آخري تاريخ جي گذرڻ کانپوءِ اٽڪل 540 ٽريڪٽرن جي مالڪن گهربل رقم جمع نه ڪرائي، جنهن سبب سندن ٽريڪٽرن جي مالڪي وارا اختيار ختم ڪري ۽ انهن رهيل ٽريڪٽرن جي ٻيهر قرعه اندازي 20 جون تي ڪرائي وئي، جنهن جي حاصلات لاءِ گهربل رقم حاصل ڪرڻ جي لاءِ 31 جولاءِ آخري تاريخ رکي وئي آهي، ٻي طرف قرعه اندازي ٽريڪٽر حاصل ڪرڻ کان محروم رهيل آٽڪل 14 هزار ننڍا آبادگار پنهنجي جمع ڪرايل رقم جي واپسي لاءِ ڊائريڪٽر ايگريڪلچر انجنيئرنگ جي آفيس جا روز چڪر ڪاٽي رهيا آهن،جن کي ڊائريڪٽر آفيس جي عملي پاران ڪراچي وڃي حبيب بئنڪ عملي سان ڳالهائڻ جي صلاح ڏئي واپس موٽايو وڃي ٿو، ان سلسلي ۾ عبرت پاران رابطو ڪرڻ تي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر انجنيئر ٻڌايو ته ٽريڪٽر اسڪيم جي قرعه اندازي ۾ حصو وٺندڙن کان رقم پڻ حبيب بئنڪ ورتي آهي ۽ اها واپس پڻ بئنڪ ڪندي، هن چيو ته بئنڪ عملي سان ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ سيڪريٽري زراعت جي افيس ۾ گڏجاڻي ٿي آهي، هن رقم واپسي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته بينڪ عملي جي ڳالهين تي مونکي يقين ناهي، انهيءَ ڪري آئون ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهان، واضح رهي ته ٽريڪٽر اسڪيم ۾ حصو وٺڻ کانپوءِ قرعه آندازي ذريعي ٽريڪٽر حاصل ڪرڻ کان رهجي ويل اٽڪل 14 هزار سنڌ واسين جا ٽڪل 35 ڪروڙ رپيا حبيب بئنڪ ڏانهن گذريل چئن مهينن کان رهيل آهن، جن جي اڃا تائين واپسي نه ٿي سگهي آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ