ڪوٽ مير محمد ۾ شهرين پاران سيپڪو پريالوءِ خلاف احتجاجي مظاهرو
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) ڪوٽ مير محمد ۾ شهرين پاران سيپڪو پريالوءِ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي لعل بخش شر، سيد اظهر شاهه، امتياز ناريجو، ، محمد رفيق مڱڻيجو ۽ بيا ڪري رهي هئا ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو سيپڪو پريالوءِ جي اهلڪارن شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي رشوت نه ڏيڻ تي هو بنا جواز هٿرادو ڳرا بل موڪلڻ سان گڏ شهرين جي گهرن توڙي دوڪانن جي بجلي ڪاٽي وڏي زيادتي ڪري رهيا آهن هنن چيو ته سيپڪو پريالوءِ جي اهلڪارن ڪوٽ مير محمد شهر ۾ نظرمحمد ملڪ جيڪو بااثر شخص آهي ان کي پنهنجو پرائيوٽ ايجنٽ مقرر ڪري ڇڏيو آهي جيڪو شهرين کي ڌمڪيون ڏئي منٿلي وٺي ٿو نه ڏيڻ تي کين سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو هنن سيپڪو جي اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته سيپڪو پريالوءِ جي اهلڪارن پاران مقرر ڪيل ايجنٽ کي گرفتار ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.