ڪنگري ۾ سماجي تنظيم پاران گهرن جون ڇتيون ورهايون ويون
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) ڪنگري ۾ سماجي تنظيم پاران گهرن جون ڇتيون ورهايون ويون، رپورٽ موجب، ڪنگري جي شهر صدرجي ڀٽيون ۾ ناليواري سماجي تنظيم مهراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي پاران 2010 جي مها ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل ڳوٺاڻن جي بحالي لاءِ گهرن جون ڇتيون (سامان) ورهائڻ واري تقريب ٿي، تقريب ۾ سوين ٻوڏ متاثرين ۽ علائقي جي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تقريب جي مهمان خاص پير پاڳاري جي اڳوڻي جنرل مئنجر سيد نبي بخش شاهه راشدي جي فرزند سيد گل شاهه راشدي، مهراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي جي صدر نظر حسين چنه ۽ قمر الدين چنه پاران ڪچي جي ٻوڏ سٽيل علائقن گلو سيال، صادق ڪلهوڙو، صالح جا پڙ، جاڙو ناريجو، راضل ڪڙيو ۽ ٻين ڳوٺن جي 200 کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرين ذوالفقار چاچڙ، غوث بخش گهمرو، الوڌايو ڪڙيو، عبدالقيوم ڪلهوڙو، ضمير ڪلهوڙو، علي حسن ڪلهوڙو، زين العابدين شنباڻي ۽ ٻين ۾ گهرن جون ڇتيون، لوها گارڊ، ٽيئر، پترون توڙي ٻيو سامان ورهايو ويو، ان موقعي تي تقريب جي مهمان خاص سيد گل شاهه راشدي چيو ته مهراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي هتان جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي آهي جيڪا ساراهه جوڳي آهي ۽ ٻوڏ متاثرن اهڙي قدم سان تمام خوش ٿيا آهن ۽ سندن جا ڏک گهٽيا آهن، جڏهن ته متاثرن پاران گهرن جي ڇتين جو سامان ملڻ بعد سندن جي چهرن تي سرهائي ڇانيل نظر آئي. ياد رهي ته مهراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي پاران هن وقت تائين وقفي وقفي سان 800 کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر خاندان کي گهرن جي ڇتين جو سامان ڏنو ويو آهي.