ڪنگري واسي نوجوان بيدردي سان قتل
پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) ٽنڊومستي وچ شهر ۾ هٿياربندن هٿان ڪنگري واسي نوجوان گوليون هڻي بيدردي سان قتل، شهرين ۾ ڀاڄ، هٿياربندن نعره هڻندا فرار، علائقي ۾ ڏهڪاءُ، رپورٽ موجب، ڪنگري جي شهر صدرجي ڀٽيون لڳ ڳوٺ ڄام اڄڻ جو رهواسي 45 ساله محمد عرس پٽ سکيل اڄڻ جيڪو ٽندومستي مان فصل لاءِ زرعي دوا وٺڻ لاءِ موٽر سائيڪل تي وڃي رهيو هو ته اڳواٽ ٽنڊومستي شهر ۾ سندس تاڙ ۾ ويٺل نامعلوم هٿياربندن مٿس ڇتي فائرنگ ڪري گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد نعره هڻندا فرار ٿي ويا، جڏهن ته وچ شهر اندر ڇتي فائرنگ سبب شهرين ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ ڪيترائي دوڪان بند ٿي ويا، هوڏانهن اطلاع تي ٽنڊومستي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي خيرپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو جيئن لاش ڪنگري لڳ اباڻي ڳوٺ ڄام اڄڻ آندو ويو ته وارث عورتون لاش کي چنبڙي پيو ۽ ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو، واقعي بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪنگري جي اڄڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ گذريل ڪيترن سالن کان خوني تڪرار هلندڙ آهي جنهن سبب واقعو پيش آيو آهي.