ڪنڊيارو
ڪنڊيارو ۾ رمضان جي آمد ئي لوڊشيڊنگ وڌائي ويئي
رمضان شريف جو مقدس مهينو ايندي ئي حڪومت پاران بجلي جي لوڊشيڊنگ ڏهه ڪلاڪن کان وڌائي 12 ڪلاڪ ڪئي وئي آهي،ان سلسلي ۾ سيپڪو ڪنڊيارو جي هڪ اهم ملازم ٻڌايو ته نئين شيڊول مطابق بجلي رات جو ٻين وڳي کان ٽين وڳي تائين هڪ ڪلاڪ،صبح جو ڇهين وڳي کان نائين وڳي تائين ٽي ڪلاڪ،منجهند جو 11 وڳي کان ٻين وڳي تائين ٽي،ڪلاڪ،شام جو چئين وڳي کان ستين وڳي تائين ٽي ڪلاڪ ۽ رات جو 8 وڳي کان ڏهين وڳي تائين لوڊشيڊنگ سبب بند ڪئي ويندي،جنهن بعد شهري ۽ ڪاروبارين ۾ سخت مايوسي ڇائنجي وئي آهي،جن جو چوڻ آهي ته هاڻي ڏينهن جي 11 ڪلاڪن مان 9 ڪلاڪ بجلي بند هجڻ سبب ڪهڙو ڪاروبار ٿي سگهندو.