مختصر خبرون

ڪنڊيارو ۾پاڪستان فنڪشنل مسلم ليگ جو تعلقه يونٽ کوليو ويو

اياز عباسي، ڪنڊيارو
ڪنڊيارو ۾ مختلف سياسي،سماجي ۽ مذهبي تنظيمن بعد وڏي عرصي کان پوءِ پاڪستان فنڪشنل مسلم ليگ جو تعلقه يونٽ کوليو ويو،ان سلسلي ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي ضلعي سينيئر نائب صدر ڊاڪٽر سيد نور حسين شاهه ۽ ضلعي جنرل سيڪريٽري زاهد حسين ڏاهري جي نگراني هيٺ پريس ڪلب ڪنڊيارو ۾ يونٽ جي باڊي چونڊي وئي،جنهن مطابق انور علي مڱريو صدر،شاهد لکمير گهانگهرو سينيئر نائب صدر،شوڪت علي مڱريو نائب صدر،فقير عجب گل هيسباڻي نائب صدر،سيد نذير حسين شاهه راشدي نائب صدر،رفيق گهانگهرو جنرل سيڪريٽري،سيد شجاع الدين شاهه راشدي،ڊپٽي جنرل سيڪريٽري،سيد صلاح الدين شاهه راشدي جوائنٽ سيڪريٽري،سيد احمد حسين شاهه راشدي خزانچي،آصف علي سهتو نائب خزانچي،وفا شر پريس سيڪريٽري،عطا حسين سولنگي رابطه سيڪريٽري،محمد افضل مڱريو آفيس سيڪريٽري چونڊيا ويا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button