مختصر خبرون

ڪنڊيارو ۾عجيب ٻار جي پيدائش

اياز عباسي، ڪنڊيارو
ڪنڊيارو جي هڪ عطائي ڊاڪٽر جي خانگي اسپتال ۾ ڪريم شاهه ڪالوني جي رهواسي وين ڊرائيور ارشاد ڏيپر جي گهر واري کي هڪ عجيب الخلقت ٻار پيدا ٿيو آهي جنهن کي اکيون،هٿن،پيرن ۾ چمبا پڻ نه آهن،جنهن کي اکين جي جاءِ تي صرف رت جا نشان آهن،جسم جي ڪنهن به حصي کي هٿ لائڻ سان رت وهي اچي ٿو،جنهن کي هنگامي طور تي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٻار کي پيراٽوجينڪ نالي جي بيماري آهي جيڪا حمل دوران ڳورهاري عورتن پاران گهڻيون ۽ اجايون دوائون واپرائڻ سبب جنم وٺندڙ ٻار کي ٿيندي آهي جنهن جو ڪراڇي حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ علاج ممڪن آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button