مختصر خبرون

ڪنڊيارو: رمضان ۾ لوڊشيڊنگ وڌي ويئي، پ پ شھيد ڀٽو جو احتجاج

اياز عباسي، ڪنڊيارو
رمضان شريف جو مقدس مهينو ايندي ئي بجلي جي لوڊشيڊنگ ڏهه ڪلاڪن کان وڌائي 12 ڪلاڪ ڪرڻ ۽ شهر جي مختلف پاڙن جا سڙيل ٽرانسفارمر ٽن ڏينهن کان تبديل نه ڪرڻ واري عمل خلاف ڪنڊيارو ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران محفوظ عباسي،مسعود شاهه،سهيل ڪلهوڙو ۽ ان کان علاوه انصاري پاڙي سميت مختلف پاڙن جي رهواسين پاران پڻ مختلف ماڻهن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ بعد نٽهڻ اس ۾ پريس ڪلب ۽ حيدري هوٽل چونڪ اڳيان ڌرڻا پڻ هنياويا،ان موقعي تي پ پ شهيد ڀٽو ۽ شهرين پاران مذڪوره هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ هن قيامت جهڙي گرميءَ ۾ به ٽن ڏينهن کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ وارن عملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن سيپڪو وارن فوري طور تي ٽرانسفارمر ٺهرائي هٿرادو لوڊشيڊنگ جو خاتمو نه آندو ويو ته اڻکٽ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو ،جنهن جي سڄي ذميواري سيپڪو ڪنڊيارو جي ايس ڊي او طائف ميمڻ ۽ لائن سپرنٽيڊنٽنٽ نديم جوکيو مٿان هوندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button