مختصر خبرون

ڪنڊيارو جي ڪچي واري علائقي ۾ ڳوٺ مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ

اياز عباسي ،ڪنڊيارو
ڪنڊيارو جي ڪچي واري علائقي ڪمالديرو طرف ڳوٺ مڏ مٿان 9 هٿياربندن هلان ڪري ڳرن ۽ جديد آٽوميٽڪ هٿيارن سان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جيڪا لڳ ڀڳ ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهي جنهن سبب سڄي علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس پڻ ڇائنجي ويو مگر تنهن هوندي به حد جي پوليس توڻي انتظاميه تي پراسرار خاموشي طاري رهي ۽ سندن ڪن تي جون به نه چري،جنهن بعد ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت حملي آورن جا پيرا کڻي سندن پيڇو ڪيو،ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڳوٺ مڏ جي نيڪ مرد رمضان ڪلهوڙو الزام هڻندي چيو ته اسان چڱي ريت سڃاتو آهي ته مٿن سامٽيه برادري جي هٿياربندن حملو ڪيو آهي پر سندن جوابي فائرنگ بعد اهي فرار ٿي ويا جن جا پيرا کڻڻ بعد هاڻن هنن پڪي ثابتي پڻ ڪري ورتي آهي،هنن الزام هڻندي چيو ته ان جي باوجود به حد جي بکري پوليس بروقت اطلاع ڏيڻ باوجود سندن واهر لاءِ نه پهتي ۽ هاڻي به سندن ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري رهي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button