ڪنڊيارو: بوزدار وڏا پريس ڪلب جي نائب صدر مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي جي مذمت
اياز عباسي، ڪنڊيارو
پريس ڪلب ڪنڊيارو جو هڪ هنگامي اجلاس صدر اياز عباسي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ بوزدار وڏا پريس ڪلب جي نائب صدر رجب علي شينو مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي،ڦرلٽ ۽ پوليس پاران مذڪوره واقعي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ وارن عملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي جو ڪيس داخل ڪري حملي آورن جي ترت گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو،جڏهن ته اجلاس دوران سنڌ صحافي سنگت ضلعي نواب شاهه جي نائب صدر زوهيب زرداري جي ڀاڄائيءَ جي وفات تي دعاءِ خير گهري وئي،جنهن لاءِ بارگاهه خدا ۾ مرحومه لاءِ جنت الفردوس ۽ پونيرن لاءِ صبر جي دعا گهري وئي،اجلاس ۾ غلام محمد خشڪ،راڻا خير محمد، پڃارام هوتواڻي،ظهير چنڙ،رفيق چنڙ،در محمد ملاح،عبدالجبار عباسي،مير ممتاز ملاح،امين عباسي،رفيق گهانگهرو،رشيد عباسي،شوڪت ڪلو،سعيد عباسي،راڻا حنيف،عبدالوحيد عباسي،شاهنواز مڱريو،عمران عباسي،نظام ٽانوري،منور جوکيو،دمساز جتوئي،علي بخش ڀٽو،ظفر ڪلهوڙو،حمل فقير ڪلهوڙو،علي حسن عباسي،غلام علي کچي،سرفراز رتڙ،شريف مڱريو،جاويد ابڙو،عبدالحفيظ ملاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي.