مختصر خبرون

ڪنڊيارو: آل سنڌ جوڳي ڪميونٽي ويلفيئر آرگنائيزيشن جو بنياد رکيو ويو

ڪنڊيارو ۾ سنڌ جي مختلف علائقن کان آيل جوڳي برادري جو ڪٺ ٿي گذريو،جنهن ۾ جوڳي برادري جي مسئلن جي اڪلاءَ لاءِ آل سنڌ جوڳي ڪميونٽي ويلفيئر آرگنائيزيشن جو بنياد رکيو ويو جنهن ۾ هيٺيان عهديدار منتخب ڪيا ويا. چيئرمين سڄڻ علي جوڳي،وائس چيئرمين محمد جڙيل جوڳي،صدر ممتاز جوڳي،ائب صدر ارباب جوڳي،جنرل سيڪريٽري حاڪم جوڳي،جوائنٽ سيڪريٽري سڪندر جوڳي،پريس سيڪريٽري غلام شبير جوڳي،خزانچي غلام شبير جوڳي،آفيس سيڪريٽري محبوب جوڳي چونڊيا ويا. واضع رهي ته ڪنڊيارو ۽ آسپاس ۾ جوڳي برادري جي ماڻهن جو مکيه ڌنڌو پنڻ هوندو هئو پر ماضيءَ ۾ ڪجهه جاکوڙي ۽ پڙهيل لکيل جوڳي نوجوانن پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجي زندگي ۾ انقلاب تبديلي آڻيندي خاص طور تي نوجوانن جي طرز زندگي تبديل ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد اهي نوجوان پنڻ بجاءِ ٻيا ڌنڌا ڪاروبار ۽ نوڪريون وغيره ڪري رهيا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button