مختصر خبرون

ڪنڊيارو ،کوکر برادري ٺاھ لاءِ راضي

اياز عباسي ،ڪنڊيارو
ڏيڍ مهينو اڳ ڪنڊيارو جي ڪچي واري ۾ کوکر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل خوني تڪرار دوران قتل ٿي ويل نوجوان شمير کوکر ۽ ٻن زخمين محرم ۽ غلام مصطفي کوکر واري معاملي کوکر برادري جي سوين ماڻهن پاران آل پاڪستان کوکر آرگنائيزشن جي مرڪزي اڳواڻ خيرمحمد کوکر جي حڪم تي نوشهروفيروز،دادو ۽ نوان جتوئي،سوڀو کوکر ۽ مختلف علائقن جي کوکر برادري جي نيڪ مردن عرض محمد،محمد الياس ۽ محمد عظيم کوکر جي اڳواڻي ۾ پير آف ٺاروشاهه جي گادي نشين سيد ممتاز حسين شاهه کي ساڻ ڪري هڪ منٿ ميڙ قافلو ڪنڊيارو عمر پور پاڙي ۾ کوکر برادري جي ٻنهي ڌرين جي اڳواڻن سليمان کوکر ۽ بخشل کوکر سان ملي ڪري کين راڄوڻي نبيري لاءِ راضي ڪيو،جنهن جي بدلي ۾ ٻنهي ڌرين پاران آيل وٽن آيل منٿ ميڙ قافلي کي مان ڏيندي راڄوڻي نبيري لاءِ راضي ٿيا ۽ آيل منٿ ميڙ قافلي کان مهلت ورتي ته هو پاڻ ۾ صلاح مشوري بعد فيصلي جو هنڌ ۽ تاريخ ٻڌائيندا،جنهن بعد ڪنڊيارو ۽ آسپاس ۾ خوشيءَ جي لهر ڇائنجي وئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button