مختصر خبرون

ڪنب جي رهواسين جو ڪنب پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

خيرپور(ڊر) ڪنب جي رهواسين جو ڪنب پوليس خلاف پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو. تفصيل موجب ڪنب جي رهواسين پريس ڪلب خيرپور پهچي ايس ايڇ او ڪنب خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري جي اڳواڻي شاهنواز گوپانگ، فدا حسين، محمد خان، ڪريم داد ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي مظاهرين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته ڪنب پوليس هڪ هفتو اڳ بنا جواز جي شمن گوپانگ کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيوته پوليس شمن گوپانگ جي آزادي عيوض ڳري رشوت گهري رهي آهي. هنن چيوته جيڪڏهن شمن گوپانگ کي آزاد نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button