ڪمدار جي غريب پورهيتن جي گهرن تي چڙهائي
خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) گمبٽ تعلقي جي بهارو ٿاڻي جي حد ۾ بااثر ڀوتار جو ڪمدار جو غريب پورهيتن جي گهرن تي چڙهائي سندس واٺن ٻن ڳوٺاڻن کي بٽ هڻي رتورت ڪري ڇڏيو، زخمي گمبٽ اسپتال داخل. تفصيل موجب گمبٽ تعلقي جي بهارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪوڙل خان عباسي تي ڪلهوڙا برادري جي بااثر ڀوتار جي ڪمدار ضمير ڪلهوڙو پنهنجا واٺا ساڻ ڪري غريب ڳوٺاڻن جي گهرن ۾ ڪاهي پيو ۽ سندس واٺن ڪلاشن جا بٽ هڻي ٻن ڳوٺاڻن منظور عباسي ۽ عابد عباسي کي رتورت ڪري ڇڏيو، بهارو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي ڳوٺاڻن کي گمبٽ اسپتال پهچايو. جڏهن ته زخمي ڳوٺاڻن جي عزيزن علي حسن، محمد مٺل، وزيرعلي ۽ ٻين پريس ڪلب خيرپور اڳيان بااثر ڀوتار ۽ سندس ڪمدار خلاف احتجاج ڪندي چيوته وڏيري جي ڪمدار پنهنجا واٺا ساڻ ڪري گهرن ۾ گهڙي ڦرلٽ ڪري ۽ ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن. هنن چيوته اسان سان انصاف نه ٿيو ته سخت احتجاج ڪنداسين.