مختصر خبرون

ڪراچي مان شادي لاءِ نڪري پيرڳوٺ پهتل ناري عدالت ۾ پيش

پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) ڪراچي مان شادي لاءِ نڪري پيرڳوٺ پهتل ناري عدالت ۾ پيش، عدالت پاران کيس باحفاظت ڀائرن حوالي ڪرڻ جو حڪم، رپورٽ موجب، 4 مهينا اڳ ڪراچي جي نصير آباد واري علائقي مان شادي لاءِ پيرڳوٺ واسي نوجوان اعجاز لاشاري سان فرار ٿي پيرڳوٺ لڳ ڪچي ۾ رهندڙ ناري زاهده پٺاڻ جنهن ٻه ڏينهن اڳ پيرڳوٺ پوليس وٽ پهچي پوليس کي ڀائرن حوالي ڪرڻ جو چيو هو کي پيرڳوٺ پوليس پاران ڪالهه سول ڪورٽ پيرڳوٺ ۾ پيش ڪيو ويو جتي ناري بيان ڏنو ته هوءَ 4 مهينا اڳ پيرڳوٺ لڳ ڪچي جي ڳوٺ لاشاري جي رهواسي اعجاز لاشاري سان پسند جو پرڻو ڪرڻ لاءِ گهران نڪتي پر هن دوکو ڪري فرار ٿي ويو آهي ناري جي اهڙي بيان تي عدالت پيرڳوٺ پوليس کي حڪم ڪيو ته ناري کي واپس ڪراچي پنهنجي ڀائرن امين، وقار پٺاڻ وٽ باحفاطت پهچايو وڃي، عدالت جي اهڙي حڪم تي پيرڳوٺ پوليس جا ڪجهه اهلڪار ناري کي ڪراچي پهچائڻ لاءِ نڪري ويل آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button