ڪامريڊ غلام رسول سھتو جي بک ھڙتال جاري، جلال محمود شاھ ڪيمپ تي پھتو
خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور ضلعي جي ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ 450 کان وڌيڪ اسڪارپ جا ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف آبادگارن جي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال 61 هين ڏينهن به جاري. سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جو اڳواڻ جلال محمود شاهه بک هڙتالي ڪيمپ تي پهچي بک هڙتالي آبادگارن جي حمايت ڪئي. تفصيل موجب خيرپور ضلعي جي ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ 450 کان وڌيڪ اسڪارپ جا ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف خيرپور ضلعي جي آبادگارن جي ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي اڳواڻي ۾ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال 61 هين ڏينهن به جاري رهي. جڏهن ته سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جو اڳواڻ سيد جلال محمود شاهه بک هڙتالي آبادگارن جي ڪيمپ تي پهچي سندن حمايت ڪئي. ان موقعي تي جلال محمود شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيوته سنڌ جو وڏو وزير پنهنجي اباڻي ضلعي کي نه ٿو هلائي سگهي ته هو سڄي سنڌ کي ڇا هلائيندو. هن چيوته حيرت جي ڳالهه آهي ته خيرپور ضلعي جي ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ جي ڪري 75000 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين بنجر بڻيل آهي. جڏهن ته 450 کان وڌيڪ اسڪارپ جا ٽيوب ويل بند هجڻ ڪري 75000 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين سم جي ڪري تباهه ٿي آهي ۽ وڏي وزير جي ضلعي جا آبادگار فاقه ڪشي جو شڪار آهن ۽ ڪروڙين رپين جي بجيٽ سندس آشيرواد سان مقرر ٿيل ڪامورا ونڊي ورهائي هڙپ ڪري وڃن ٿا. هن چيوته اسان بک هڙتالي آبادگارن سان گڏ آهيون ۽ سندن هر جدوجهد ۾ اسانجي پارٽي ساڻن گڏ هوندي. جڏهن ته لڳاتار بک هڙتال تي ويهڻ جي ڪري بک هڙتالي آبادگارن جو بلڊ پريشر ۽ وزن گهٽجي ويو آهي ۽ سندن طبيعت خراب آهي.