ڦلپوٽا برادري جي ماڻهن جو سي سيڪشن پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو
خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور جي شاهه حسين باءِ پاس تي سوين ڦلپوٽا برادري جي ماڻهن جو سي سيڪشن پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهيون، قومي شاهراهه بند. سي سيڪشن پوليس بيگناهه ٻن ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري بند ڪري ڇڏيو آهي مظاهرين. تفصيل موجب خيرپور جي شاهه حسين باءِ پاس وٽ قومي شاهراهه تي ڳوٺ دائود ڦلپوٽو جي سوين ڳوٺاڻن سي سيڪشن پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن جي ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند ٿي وئي. ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ ڦلپوٽا برادري جي چڱي مڙس ممتاز ڦلپوٽو چيوته سي سيڪشن پوليس صبح سوير بيگناهه ٻن ڳوٺاڻن اصغر علي ڦلپوٽو ۽ غلام شبير ڦلپوٽو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيوته جيستائين گرفتار ڳوٺاڻا آزاد نه ٿيندا ڌرڻو ختم نه ڪنداسين. بعد ۾ سي سيڪشن پوليس ڦلپوٽا برادري جي سردار امتياز ڦلپوٽو کي وٺي مظاهرين کي يقين ڏياريو ته توهانجا ٻئي ڳوٺاڻا آزاد ڪيا ويندا ۽ ڌرڻو ختم ڪرايو.