ڦليلي ڪئنال کي کاٻي ڪپ کان گهارو، شھرين ھمٿ ڪري گھارو ٻڌو
رپورٽ: فهيم ڀٽي،ٽنڊو محمد خان
ٽنڊو محمد خان شهر جي وچ ما وهندڙ ڦليلي ڪئنال کي کاٻي ڪپ کان گهارو، رهواسين ۾ دانهون، پنهنجي مدد پاڻ تحت ٽرالين ۽ ڪٽن ذريعي مٽي ڊوهي گهاري کي ٻڌو، ڊپٽي ڪمشنر پاران ڦليلي ڪئنال ۾ چوپايو مال جي اندر داخل ٿيڻ تي قلم 144 لاڳو ڪري پابندي هڻي ڇڏي، تفصيل موجب ٽندو محمد خان جي شهر مان وهندڙ ڦليلي ڪئنال کي کاٻي ڪپ کان گلشن فيض ڪالوني جي ڀرسان 03 فوٽ گهارو پئجي ويو جنهن سبب درجنين گهرن ۾ گهاري جو پاڻي ڪاهي پيو ، گهرن ۾ پاڻي داخل سبب رهواسين ۾ دانهون پئجي ويو ۽ سڄو علائقو اٿي ويو ، شهرين مڙسي ڪري مختلف هنڌن تا مٽي جا ڪٽا ڀري گهاري واري جاءِ تي رکي مٽي جون ٽراليون کڻي گهاري واري جاءِ تي وجهي گهارو بند ڪيو ، رهواسين جي رڙين تي پوليس به پهچي ويئي ۽فون تي آبپاشي عملي کي به گهرايو ويو ۽ گهاري واري هند کي مضبوط ڪيو ويو . صحافين سان ڳالهائيندي گلشن فيض ڪالوني جي رهواسين ايوب سومرو، فاروق سومرو، وهاب نظاماڻي ۽ ٻين ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان ڪيترائي ڀيرا آبپاشي عملدارن اڳيان دانهون ڪيون پر هنن اسان جي دانهن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ اڄ نيٺ گهارو پئجي ويو جيڪڏهن اسان مڙسي نه ڪيون ها ته اڌ شهر مڪمل ٻڏي وڃي ها ، هنن ٻڌايو ته ڦليلي جو کاٻو ڪپ مڪمل طور تباهه ٿيل آهي ۽ سڄو پاسو حساس آهي ان ڪري فوري طور تي ڦليلي جي کاٻي ڪپ تي پچنگ ڪرائي مضبوط ڪيو وڃي. ٻي طرف ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان سيد برڪات احمد رضوي قلم 144 لاڳو ڪري ڦليلي ڪئنال ۾ چوپائي مال جي پاڻي ۾ وڃڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي هوڏانهن پ پ جي ضلعي صدر حاجي امين لاکو ۽ ٻين متاثر ڪپ جو دؤرو ڪندي آبپاشي عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڏينهن رات ڦليلي جي ٻنهي ڪپن جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ سستي ڪندڙ عملدار کي بخش نه ڪيو ويندو.