ڪراچي

ڦليلي ڪئنال کي ضرورت مطابق مطابق پاڻي ڏنو وڃي. حسنين مرزا

Hasnain Mirzaڪراچي (رپورٽر) صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ۽ قومي اڪنامڪس ڪونسل جي رڪن بيرسٽر حسنين مرزا آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته ڦليلي ڪينال کي ضرورت جي مطابق پاڻي فراهم ڪيو وڃِي. ڦليلي ڪينال تي 25 لک ماڻهو ڀاڙين ٿا ۽ هن نهر مان ٽن ضلعن کي پاڻي فراهم ٿيندو آهي جنهن جي ذريعي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي.جڏهن ته انهن علائقن ۾ 9 شگر ملون پڻ هلڪن ٿيون. اها ڳالهه اڄ هن ڪوٽڙي بيراج تي ٿيندڙ بريفنگ ۽ ڦليلي ڪينال جي دوري واري موقعي تي ڪئي. ان موقعي تي آبپاشي کاتي جي آفيسرن بيرسٽر حسنين مرزا کي يقين ڏياريو ته ايندڙ 72 ڪلاڪن جي اندر ڦليلي ڪينال ۾ ضرورت جي مطابق پاڻي ڇڏيو ويندو.هن چيو ته موجوده جمهوري حڪومت عوامي مسئلن جو حل چاهي ٿي پاڻي هڪ بنيادي مسئلو آهي ۽ ان متعلق سڀني شڪايت کي فوري حل ڪرڻ جي ضرورت آهي . هن چيو ته ليفٽ بئنڪ ڪينال ۾ پاڻي جي کوٽ کي فوري طور تي ختم ڪيو ويندو. هن چيو ته زرعي زمينن کي پاڻي نه ملڻ ڪري هاري احتجاج ڪري رهيا آهن سندن مسئلا فوري طور تي حل ڪيا وڃن. ان موقعي تي چيف انجنيئر ڪوٽري بئراج ۽ ٻيا اعليٰ عملدار ان موقعي تي موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button