ٽنڊو محمد خان

ڦليلي واهه جي کاٻي ڪپ کي لڳندڙ گھاري جي مرمت نه ٿي سگھي

رپورٽ: فهيم ڀٽي،ٽنڊو محمد خان
tmkHAN 02 pHOTOٽنڊو محمد خان جي گلشن فيض ڪالوني جي سوين رهواسين جو ڦليلي واهه جي کاٻي ڪپ کي لڳندڙ کاد جي مرمت نه ڪرڻ ۽ مٽي جي ڀراءُ نه ڪرڻ خلاف ايوب سومرو، عارب رند، علي نواز شاهه، سلمان بالادي، اسحاق سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، صحافين اڳيان دانهيندي اڳواڻن ٻڌايو ته ڦليلي جو کاٻو ڪپ انتهائي ڪمزور ٿي چڪو آهي ۽ گذريل ڪيترن سالن کان ڪپ جي پچنگ نه ڪئي ويئي آهي ۽ نه ئي مٽي جو ڀراءُ ڪيو ويو آهي جنهن سبب ڦليلي جي کاٻي ڪپ تي هزارين رهواسين جو ساهه مٺ ۾ آهي ۽ ٿوري به برسات پوڻ سبب گلشن فيض ڪالوني سميت سومرا پاڙو، بخاري ڪالوني ٻڏي سگهن ٿا ، هنن الزام هنيو ته آبپاشي کاتي وارن جي لاپرواهي سبب ڦليلي جا ڪپ انتهائي ڪمزور آهن ۽ گذريل ڪيترن سالن کان ڦليلي ڪپن جي مرمت نه ٿي سگهي آهي جنهن سبب رهواسين ۾ سخت خوف حراس ڇانيل آهي هنن مطالبو ڪيو ته برساتن پوڻ کان اڳ ڦليلي جي کاٻي ڪپ تي مٽي جو ڀراءُ ڪرائي پچنگ ڪرائي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button