مختصر خبرون

ڏير خلاف بيواهه عورت جو پٽ سميت احتجاج

خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) ڏير منهنجي گهر تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي. قبضو ختم ڪرڻ بجاءِ قتل جون ڌمڪيون ڏئي ٿو بيواهه عورت جو پٽ سميت احتجاج. تفصيل موجب بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مل ڪالوني جي رهواسڻ صفيا زال مرحوم وحيد علي دايو پنهنجي اٺن سالن جي پٽ ساحل دايو سميت پريس ڪلب خيرپور پهچي صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته هن جو مڙس ست سال اڳ ۾ فوت ٿي ويو هو جنهن بعد هو پنهنجي مل ڪالوني جي گهر ۾ پٽ سميت رهندي هئي جتي سندس ڏير منظور دايو قبضو ڪري هنکي ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو آهي. هن چيوته مان ڪيترائي ڀيرا بي سيڪشن ٿاڻي تي وئي آهيان پر پوليس به ڪا مدد نه ٿي ڪري. هن چيوته ڏير منظور علي دايو هڪ بااثر ۽ ڏاڍو مڙس آهي ۽ تر جي پوليس به هنجي پڳ مٽ يار آهي. هن چيوته مان بيواهه آهيان منهنجو الله کان سواءِ ڪوبه ناهي. هن ايس ايس پي خيرپور، ڊي سي خيرپور ۽ وزير اعلى خيرپور کي اپيل ڪئي ته سندس گهر تان قبضو ختم ڪرائي هن کي ۽ سندس معصوم پٽ کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button