مختصر خبرون
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور 9 جولاءِ تي عام واهپي جي شين جي قيمتن مقرر ڪرڻ جي گڏجاڻي ڪندو
خيرپور:ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ضلعي اندر عام واهپي کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن جي مقرري لاءِ 9 جولاءِ 2012 تي صبح جو 11 وڳي درٻار هال ڊي سي آفيس خيرپور ۾گڏجاڻي ڪندو، جنهن ۾ پوليس، رينجرز، روينيو، خوراڪ، زراعت، سيپڪو، سوئي گيس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي ضلعي عملدارن سان گڏو گڏ انجمنِ تاجران، مختلف مارڪيٽ ڪاميٽين، يوٽيلٽي اسٽورز، فلور ملز جا نمائندا پڻ شرڪت ڪندا.