مختصر خبرون
ڊرٻ ميهر شاهه ۾ هٿياربندن هٿان ڳوٺاڻي جي قتل جو ڪيس
خيرپور (ڊر) ڊرٻ ميهر شاهه ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل ڳوٺاڻي جو قتل ڪيس 3 نامعلوم جوابدارن مٿان داخل. گهر ۾ روڄ راڙو، پوليس ڪوبه جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي. خبر موجب گذريل ڏينهن ڊرٻ ميهر شاهه ۾ هٿياربندن هٿان گوليون هڻي قتل ڪيل ڳوٺاڻي محمد عرس اڄڻ جو قتل ڪيس سندس ڀائٽي منير احمد اڄڻ جي فرياد تي ٽي نامعلوم جوابدارن مٿان ٽنڊومستي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. مقتول ڳوٺاڻي جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي.