مختصر خبرون
ڊاڪٽر قربان جهتيال گردن جي تڪليف سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوشهري مان ڪراچي منتقل
ملير: سنڌ جو ناليوارو اديب، شاعر، صحافي ۽ سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر قربان جهتيال گردن جي تڪليف سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوشهري مان ڪراچي منتقل، اسٽيل مل ڪراچي گلشن حديد جي اسپتال ۾ سندس علاج هلندڙ آهي، ٻن سالن کان هي قملڪار موضي مرض ۾ مبتلا هجڻ سبب پنج کان ڇهه لک رپيا خرچ ڪري چڪو آهي. هيستائين ڪنهن به چونڊيل نمائندي، ثقافت کاتي هن شاعر جي ڪا به سار نه لڌي آهي جڏهن ته ثقافت کاتي وٽ سموري پروفائل موجود آهي، خالي آسرا ڏنا وڃن ٿا، گهر جو اڪيلو بيمار سربراهه گهر جو خرچ هلائڻ کان قاصر آهي جنهن سبب سندس گهرڀاتي سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن. سنڌ جي شاعرن، اديبن ۽ صحافين سنڌ حڪومت، ثقافت کاتي ۽ تعليم واري وزير پير مظهر الحق کان مطالبو ڪيو آهي ته ڊاڪٽر قربان جهتيال جي مالي سهائتا ڪري سرڪاري سطح تي علاج ڪرايو وڃي.