لاڙڪاڻو

ڊاڪٽر درگاھي جو احتجاج، چيف جسٽس آف پاڪستان کان انصاف جي گھر

CMC Larkanaلاڙڪاڻو (رپورٽ: بختيار بگٽي) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻي جي اڳوڻو ميڊيڪل سپرينڊنٽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پاران ڪوڙي ڪيسن ۾ ڦاسايل ڊاڪٽر درگاھي خان شيخ مسلسل ٽن مھينن کان لاڙڪاڻو ميڊيا فورم اڳيان احتجاج جاري پئي رکيو آھي ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر درگاھي خان شيخ صحافين آڏو دانھيندي ٻڌايو آھي تھ اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر ذوالفقار سيال چوڻ نھ وٺڻ تي مون مٿان ڪوڙا بي بنياد ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي آھي جڏھن تھ ڪوڙا ڪيس سياسي ماڻھن دل مراد جاگيراڻي جنھن کي 6 مھينا اڳ اڳوڻي ايم ايس پنھنجي ڪوٽا تحت اسپتال ۾ کين نوڪري ڏئي پنھجو خاص ماڻھو بڻائي شريف ماڻھن خلاف استعمال ڪرائڻ لاءِ دل مراد جاگيراڻي کي فريادي بڻائي منھنجي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي بي گناھھ ڦاسايو ويو جڏھن تھ ھن روئيندي ٻڌايو تھ منھنجو ڪوبھ ڏوھھ نھ آھي مون لاڙڪاڻي ۾ انصاف خاطر مسلسل احتجاج ڪندو رھيس پر کين ڪنھن بھ مون کي انصاف فراھم نھ ڪيو. ھن ٻڌايو تھ ھر حاضري تي ڪورٽ سڳوريءَ ۾ پيش ٿيندو آھيان جڏھن تھ فريادي توڙي شاھد ڪورٽ سڳوريءَ ۾ حاضريءَ دوران نھ ايندا آھن ھن ٻڌايو تھ آءُ ڪورٽ سڳوريءَ کي التجا ٿو ڪريان تھ فريادي ۽ شاھد مسلسل پيش نھ ٿيڻ ڪري مون مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري مون کي آزاد ڪيو وڃي ان ۾ انصاف جي بھتري ٿيندي ڊاڪٽر درگاھي شيخ وڌيڪ ٻڌايو تھ اڳوڻي ايم ايس ذوالفقار سيال منھنجو ذاتي ڪمپيوٽر توڙي ٻيا سامان پاڻ پوليس کي کڻائي ڏنا مون چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چودري کي درخواست پڻ پيش ڪئي تھ جيئن سونو موٽو ايڪشن پاڻ مرادو کڻن تھ جيئن مون سان ٿيل ناجائزيءَ جو ازالو ٿي سگھي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button