چيف انجنيئر سکر ٺري ميرواهه۽ فيض گنج جي مختلف واهن جو دورو ڪيو
خيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي حُڪم تي آبپاشي کاتي جو چيف انجنيئر سکر بئراج آغا اعجاز احمد پٺاڻ، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ۽ آبپاشي کاتي جو ايس اِي ولي محمد نائچ ٺري ميرواهه۽ فيض گنج جي مختلف واهن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي چيف انجنيئر ۽ ڊي سي خيرپور آبپاشي ۽ روينيو کاتي جي عملدارن سان گڏجاڻي ڪئي. گڏجاڻي ۾ چيف انجنيئر چيو ته پُوڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي پهچائڻ آبپاشي کاتي جي ذميواري آهي جڏهن ته فرض ۾ ڪوتاهي ڪندڙ آبپاشي عملي خلاف سخت قدم کنيا ويندا. هن چيو ته ميرواهه جي ريماڊلنگ جي لاءِ پي سي ون تيار ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ٻين واهن جي پڻ ماڊيول آبزرويشن ڪئي پئي وڃي جنهن سان پُوڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي جي رسائي ممڪن ٿيندي. چيف انجيئر وڌيڪ چيو ته سندس کاتي جي عملدارن کي وسيلا ۽ مشينري فراهم ڪئي وئي آهي هاڻي انهن تي فرض آهي ته پُوڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي وقت تي پهچائن. ان موقعي تي چيف انجنيئر ايس اِي ولي محمد نائچ کي ستن ڏينهن جي اندر تعلقي ٺري ميرواهه ۽ فيض گنج جي پُوڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي پهچائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ۽ آبادگارن کي آبپاشي کاتي جي عملدارن سان تعاون ڪرڻ جي گُذارش ڪئي. جڏهن ته ٺري ميرواهه ۾ مقرر ايس ڊي او آبپاشي کي هٽائي قربان ميمڻ کي ايس ڊي او آبپاشي ٺري ميرواهه مقرر ڪيو. جڏهن ته ڊي سي خيرپور محمد عباس بلوچ گڏجاڻي ۾ چيو ته سارين جي فصل تي 144 قلم لاڳو آهي ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن کي سارين جي فصل لاءِ استعمال ٿيندڙ پاڻي کي بند ڪرڻ گهرجي سندن مدد لاءِ روينيو، رينجرس ۽ پوليس عملدرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته سارين جي فصل جي خاتمي سان پاڻي جي بچت ٿيندي ۽ زرعي زمين پڻ بهتر رهندي. جڏهن ته ڊي سي اسسٽنٽ ڪمشنر ٺري ميرواهه ضمير حُسين جاگيراڻي کي تعلقي اندر سارين جي ٻيجاري توڙي فصل کي مڪمل طور تي خاتمي جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي رينجرز ۽ پوليس عملدار پڻ ساڻن گڏ هئا.