پير جو ڳوٺ

پ پ ڪارڪنن کان وٺي قيادت تائين هن ملڪ جي عوام لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، قائم علي شاھ

CM MUKHTAF SCHEAMESخيرپور:سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد جماعت آهي جنهن ڪارڪنن کان وٺي قيادت تائين هن ملڪ جي عوام لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. موجوده سنڌ حڪومت صوبي جي وسيلن کي وڌايو آهي وفاق کان 60 سالن جا فيصلا ڪرائي عمل ڪرايو آهي جنهن جي نتيجي ۾ صوبي کي 50 ارب روپين جو فائدو ٿيو آهي جنهن سان صوبي جي گهرجن کي پورو ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت صوبي اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ان سلسلي ۾ صوبي اندر روڊن جو ڄار وڇايو ويو آهي ۽ گذريل حڪومت جي عدم دلچسپي جي ڪري خيرپور ۽ شهيد بينظير آباد (نواب شاهه) کي ملائيندڙ 66 ڪلو ميٽر جو روڊ مهراڻ هاءِ وي گذريل 20 سالن کان مڪمل نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته مهراڻ هاءِ وي روڊ کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران ٻه ارب روپيه رکيا ويا آهن هن اهڙو اظهار ٺري ميرواهه ۽ فيض گنج تعلقي جي مختلف ترقياتي ڪمن جي افتتاح بعد ظفر آباد ۾ هڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت صوبي اندر 90 هزار کان وڌيڪ نوڪريون ڏنيون آهن ۽ هاڻي 19 هزار نوان ماستر ميرٽ ڀرتي ڪيا ويندا. جڏهن ته عوام جي بهتري لاءِ سنڌ حڪومت 80 ارب روپيه خرچ ڪيا آهن جن مان گذريل سال 40 ارب روپيه صرف 13 ضلعن جي 90 لک برسات متاثرن جي سهائتا لاءِ خرچ ڪيا ويا آهن. هن چيو ته هلندڙ سال ترقياتي اسڪيمن جو سال آهي ۽ ان سلسلي ۾ 181 ارب روپيه خرچ ڪيا ويندا جن ۾ صوبي جي مختلف ضلعن ۾ 11 وڏيون اسپتالون قائم ڪيون وينديون ۽ تعلقي اسپتالن جي حالت بهتر ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پاران هڪ لک 6 هزار نوجوانن کي وظيفي سميت مختلف شعبن ۾ تربيتي ڪورس ڪرايا ويا آهن جن مان 30 کان 35 هزار نوجوانن مختلف خانگي شعبن ۾ نوڪريون پڻ حاصل ڪيون آهن. وڏي وزير چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ موجوده حڪومت وڌ ۾ وڌ ڪم ڪري رهي آهن ان سلسلي ۾ غريب ۽ بي سهارا عورتن جي معاشي بهتري لاءِ 70 ارب روپيه خرچ ڪيا پيا وڃن. وڏي وزير چيو ته فيض گنج تعلقي جا سڀ روڊ رستا پڪا ڪرايا ويندا ۽ فيض گنج تعلقي جي عوام لاءِ واٽر سپلاءِ اسڪيم ۽ پُوڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي جي فراهمي لاءِ لاڳاپيل آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هدايتون ڪيون آهن جڏهن ته ٺري ميرواهه تعلقي جي لاءِ ڊرينيج اسڪيم سان گڏ ٻيون ترقياتي اسڪيمون پڻ ڏنيون وينديون. جلسي ۾ سنڌ جي وڏي وزيرجوڪوآرڊينيٽر ساجد علي ٻانڀڻ آجياڻي تقري ڪندي چيو ته ٺري ميرواهه ۽ فيض گنج تعلقي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ڪوششن سان مختلف ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪيون ويون آهن جن ۾ کنياري، ڪنڊياري ۽ ظفر آباد ۾ 2 ڪروڙ چاليهه لک روپين جي لاڳت سان سوئي گيس جي فراهمي ۽ مختلف روڊن جو ڄار وڇايو آهي جڏهن ته آبادگارن کي پاڻي جي فراهمي لاءِ پڻ وڏي وزير يقين ڏياريوآهي. تقريب ۾ خطاب کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه 8 ڪروڙ 80 لک روپين جي لاڳت سان ريهيبيليٽيشن آف رورل هيلٿ سينٽر ٺري ميرواهه، 6 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ريهيبيليٽيشن آف رورل هيلٿ سينٽر فيض گنج، 110 ملين روپين جي لاڳت سان 14 ڪلوميٽر ڪنب ڪوٽ لالو روڊ کان اڪرو روڊ ، 92 ملين روپين جي لاڳت سان 13.5 ڪلوميٽر پير وسڻ کان ٺري روڊ ، 8.728 ملين روپين جي لاڳت سان لاکا ڪنڊياري روڊ کان ڳوٺ محب علي شاهه روڊ، 2 بلين روپين جي لاڳت سان 66 ڪلوميٽر پڊعيدن کان راڻيپور، جپان جي تعاون سان 22 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان 19.5 ڪلوميٽر بسرو کان اڪرو روڊ، جڏهن ته تعلقي فيض گنج جي ٽن ڳوٺن ظفر آباد، ڪنڊياري ۽ کنياري جي ڳوٺن کي 2 ڪروڙ 40 لک روپين جي لاڳت سان سوئي گيس جي فراهمي جو افتتاح ڪيو جنهن سان 4 هزار جي آبادي کي فائدو پهچندو. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ سندس خاص معاون صديق ابو ڀائي، سيڪريٽري ڪميونيڪشن اينڊ ورڪس علم الدين بُلو، ڪمشنر سکر ڊويزن انعام الله ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ ۽ ٻيا هئا، جڏهن ته جلسي ۾ پيپلز پارٽي ورڪرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ مختلف هنڌن ڪنب، ننگريجه، اڪري، پير وسڻ، ۽ ٻين جڳهن تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي پُرجوش آجيان ڪئي ۽ گُلن جي ورکا پڻ ڪئي وئي. جڏهن ته خيرپور پهچڻ کان اڳ سنڌ جي وڏ وزير سکر ايئر پورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيند چيو ته سنڌ حڪومت پاران امڪاني برسات جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ورتيون وينديون جڏهن گذريل سال 90 لک برسات متاثرن جي کاڌ خوراڪ، صحت ۽ رهائش جي لاءِ جوڳا بندو بست ڪيا ويا هئا ۽ هر هڪ خاندان کي ڏهه ڏهه هزار روپيه روڪ پڻ ڏنا ويا. هن وڌيڪ چيو ته ايل بي او ڊي جي حالت خراب هئي ۽ برسات جي ڪري ان ۾ گهارا پيا انهن کي ڪافي حد تائين بند ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ حڪومت جي پوري پوري ڪوشش آهي ته ايندڙ امڪاني برسات جي نتيجي ۾ عام ماڻهن کي ڪا به تڪليف نه ٿئي. ذوالفقار آباد منصوبي متعلق ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ان منصوبي متعلق اخبارن ۾ حد کان وڌيڪ اچي ٿو جڏهن ته اهو منصوبو سنڌ جي مفاد ۾ آهي. ذوالفقار آباد ۾ پرڏيهي ملڪ جي تعاون سان اڪنامڪ زون ٺاهيا ويندا جنهن سان صوبو معاشي طور تي خوشحال ٿيندو ۽ بيروزگاري کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت سنڌ جي ترقي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺي رهي آهي. هُن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت جڏهن به اقتدار ۾ آئي آهي تڏهن کان سنڌ صوبي ۽ ملڪ جي ترقي ٿي آهي ۽ بيروزگاري گهٽ ٿي آهي. هن چيو ته صوبي جي مختلف شعبن جي حالت بهتر ڪئي وئي آهي خاص طور تي تعليم ۽ صحت جي شعبي جي بجيٽ ۾ واڌارو آڻي عوام کي وڌ ۾ وڌ سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button