پ پ جيالو بيروزگاري جي ڳڻتي سبب دل جو دورو پوڻ سبب فوت
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) پيرڳوٺ لڳ بيروزگاري جي ڳڻتي سبب دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿيل پ پ جيالي جي درد ڪٿا، کيس پارٽي مڪمل نظر انداز ڪري ڇڏيو، فوتگي بعد به سندس تڏي تي ڪوبه چونڊيل نمائندو توڙي پارٽي اڳواڻ نه پهتو، وارث مايوس، رپورٽ موجب، هڪ هفتو اڳ صدرجي ڀٽيون ۾ مسلسل بيروزگاري کان سخت پريشان رهڻ بعد دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿيل سپاف تعلقي ڪنگري جو اڳواڻ سيد علي اڪبر شاهه جيڪو پ پ ضلعي ورڪنگ ڪاميٽي جي ميمبر سيد روشن علي شاهه جو ڀائيٽو پڻ آهي جي باري ۾ معلوم ٿيو آهي هو پ پ جو شيدائي ۽ سرگرم ڪارڪن هو شهيد جي ورسي هجي يا پ پ جي ڪابه سرگرمي هو اتي وڃي حاضر ٿيندو هو ۽ اليڪشن جي ڏينهن دوران پڻ هن پولنگ تي ويهي مخالف سان مهاڏا اٽڪائي پ پ لاءِ قربانيون ڏنيون پر هو بي اي پاس هئڻ باوجود پنهنجي ئي حڪومت هوندي بيروزگار بڻيل هو ۽ سندس پيءُ پڻ پ پ جو سرگرم ڪارڪن هو جيڪو پڻ ڪجهه سال اڳ فوت ٿي چڪو آهي ۽ نوجوان سيد اڪبر علي شاهه پيءُ جي فوت ٿيڻ بعد گهر جو اڪيلو ڪمائيدڙ هو پر پ پ هن جي سار نه لڌي ۽ هو مسلسل نظر انداز ٿيندو رهيو جنهنڪري هن کي دل جو دورو پيو ۽ هو فوت ٿي ويو، ان ڏس ۾ سيد علي اڪبر شاهه جي چاچي سيد روشن علي شاهه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان پ پ جا پراڻا ڪارڪنن آهيون منهنجو ڀائٽيو پ پ جو سرگرم ڪارڪنن هو پر اسان سان وڏي زيادتي ۽ ناحق ٿيو آهي پ پ ٻي جيڪا سار لڌي اها ته ٺهي پر منهنجي ڄاڻايل ڀائيٽي جي فوتگي بعد به پ پ جو ڪوبه اڳواڻ توڙي چونڊيل نمائندو اسان وٽ نه پهتو آهي جيڪا وڏي ٻه اکيائي ۽ ناانصافي آهي هن چيو ته پ پ ڪارڪنن اڪبر شاهه کي 4 ڀينر ۽ 3 ڀائر آهن جن جو هو اڪيلو سنڀاليندڙ هو پر هينئر سندس گهرڀاتي سخت ٻڏتر جو شڪار آهن ان لاءِ پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ سيد قائم علي شاهه جلد سار لهي انصاف ڪن ته جيئن سندن ڪارڪن جو خاندان وڌيڪ ڏکن ۽ فاڪاڪشي کان بچي سگهي.