پٽيوالي سيد قربان علي شاهه جو پاڪ ڪتاب کڻي نوڪري جي لاءِ احتجاجي مظاهرو
خيرپور (رپورٽ شڪيل احمد جانوري) اڪائونٽ آفيس خيرپور جي پٽيوالي سيد قربان علي شاهه جو پاڪ ڪتاب کڻي نوڪري جي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو تفصيل موجب اڪائونٽ آفيس خيرپور جي پٽيوالي سيد قربان علي شاهه پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته سندس پيءُ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڊويزنل اڪائونٽنٽ پڻ رهيو هو جيڪو سروس دوران فوت ٿي ويو جنهن جي فوتي ڪوٽا تي نوڪري حاصل ڪرڻ جي لاءِ مون ڪيترن ئي بالا آفيسرن سنڌ جي وڏي وزير ، وزير اعظم ، صدر پاڪستان کي درخواستون موڪليون ته اي جي سنڌ کيس پٽيوالي جي نوڪري ڏئي جان ڇڏائي ڇڏي هن چيو ته مان پڙهيل لکيل بي اي پاس آهيان ۽ ڪمپيوٽر ۾ به ڪورس ٿيل آهي مونکي سينيئر آڊيٽر يا جونيئر آڊيٽر جي نوڪري ڏني وڃي جيڪو منهنجو حق به بيهي ٿو پر اي جي سنڌ مونکي پٽيوالي ڏئي مونسان وڏو ناحق ڪيو آهي هن اعلى اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته مونسان انصاف ڪري مونکي نوڪري ڏياري وڃي.