لاڙڪاڻو
پي ٽي سي ايل ملازمن وي ايس ايس اسڪيم کي رد ڪري ڇڏيو
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن امپالائيز يونين پاڪستان جي گڏجاڻي لاڙڪاڻي ۾ ٿي گذري جنھن ۾ پي ٽي سي ايل جي تمام ملازمن شرڪت ڪئي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن امپلائيز يونين پاڪستان جي مرڪزي چيئر مين اجلاس کي خطاب ڪندي چيوتھ اسين وي ايس ايس اسڪيم کي رد ڪندي مطالبو ڪيون ٿاتھ جيسيتائين اسان کي نوان پي اسڪيل 11.2 ۽ 21 پرسنٽ شيئرز نھ ڏنا ويندا اوسيتائين وي ايس ايس اسڪيم جي ڀرپور مخالفت ڪنداسين ان وڌيڪ چيوتھ جيڪڏھن اسان جا مطالبا جلد کان جلد پورا نھ ڪيا ويا تھ يونين احتجاج جو حق محفوظ رکي ٿي ان موقعي تي اجلاس کي حسين بخش ڀٽو ، سيد ذوالفقار علي شاھھ ، عمرالدين ، برڪت علي ، خليل احمد ڀٽو ، خليل احمد کھاوڙ ،دوست محمد تنيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.