آرٽيڪل

پي ايم اي طرفان سئمنگ پروگرام جو سڏ

ڊاڪٽر منير احمد شيخ
dr muneer ahmed shaikhپڪنڪ ملھائڻ کان اڳ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (PMA)لاڙڪاڻي برانچ جي سوشل سيڪريٽري ڊاڪٽر انيل ڪمار پوھواڻيءَ ايس ايم ايس ذريعي سڀني ميمبرن کي دعوت ڏني تھ جمع جي ڏينھن سڀني کي ڪٺو ٿيڻو آھي.
اسان جون گاڏيون ۽ چانڊڪا ميڊيڪل شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي بس پوري .3:21 بجھ پڪنڪ پوائنٽ تي پھچي ويون. ان کان پوءِ او پي ڊي بلاڪ ۽ شھر کان ٻاھران آيل مھمان 1 بجھ کان پھچڻ شروع ٿي ويا.
پي ايم اي آفيس ڪمپيوٽر آپريٽر رفيق جوڻيجو ۽ ٻيو اسٽاف ضمير جتوئي ۽ سڪندر گوپانگ پڻ ھن پڪنڪ ۾ ساڻ کنيا آھن اتي بھ گڏ تھ ھتي بھ گڏ جو احساس ٿئي.
لاڙڪاڻي کان 3 ڪلو ميٽر پري سيد جمن شاھھ لڳ وھندڙ دادو ڪئنال مان نڪرندڙ ننڍي واھھ ۾ وھنجڻ جو رٿيل پروگرام ھو. ھتي اسان جو خوف لھي ويو ، جيڪو پاڻيءَ سان مستي ڪرڻ کان اڳ ھوندو آھي، جو روز بروز اھڙا واقعا اخبارن ۾ پڙھندي ۽ ماڻھن کان ڊيڄاريندي پيدا ٿيل ھو. ھتي پھچڻ کان پوءِ ڪنھن بھ پنھنجي گھر موبائيل تي اھڙو ڪونھ ڳالھايو.
مين ڪھان جا رھا ھون ….؟مين واپس ڪب آئونگا…!؟ مجھي ڪوئي پتا نھين ….!
پاڻيءَ جي اونھائي ايتري تھ گھٽ ھئي جو اندر پير پائڻ سان گوڏا مس پئي ٻڏا ۽ چٽي طرح ويھي رڳو لوڊئي راند ڪونھ پئي ڪري سگھياسين ! ۽ پاڻيءَ جي اسپيڊ بھ ڪو پنھنجي لوپ لائن واري دادو ڪئنال جھڙي ڪونھ ھئي! پر ڪاغذ جون ٻيڙيون ٺاھي پئي رکيون سي تھ بھ آھستھ آھستھ رفتھ سان پئي ھليون.
وھ ڪاغذ ڪي ڪشتي يھ بارش ڪا پاني
ڪاغذ جون ٻيڙيون ٺاھي پاڻي ۾ ترندو ڏسڻ جو شوق ڪو اندريون زخم ڪونھ ھيو! پر پوءِ بھ الائي ڇو دل پئي ائين ڇاھيو تھ ھٿن ۾ ٻيڙي ٺاھي ان جي قسمت کي پاڻيءَ جي لوڏن جي رحم و ڪرم تي ڏسندا رھون ۽ بغير مسافرن جي ھن ھلڪي ٻيڙيءَ جي منزل جو انجام پنھنجي اکين سان ڏسون. اھو ڪو تماشو تھ ڪونھ ھو………!
پي ايم اي جا عھديدار ويندي صدر تائين ڏٺوسين تھ ھتي بھ اھڙي ئي ٽھل ٽڪوڙ جي فرض ادائگي ۾ ھيا جو ھر ھر پڇڻ تھ ‘‘ڪجھھ گھرجي تھ نھ…..!!؟‘‘ ڪراچيءَ جي ماحول جيان سندن ڏوھھ ئي نھ آھي ، جو فليٽ بھ سوڙھا تھ دليون بھ سوڙھيون بڻجي ويون آھن! . ان کان اڳ سيد امداد علي شاھھ سڀني مھمانن جي آجيان ڪندي نظر آيو. ڄڻ پئي چيائين : سلام قول من رب رحيم : اوھان تي رب جي سلامتي ھجي اي مھمانو..!
ڊي پي او لاڙڪاڻھ طرفان اسان لاءِ پوليس وين جيڪا اسان جي رخصت ھجڻ تائين بيٺي رھي. تمدن جي روايت جو اپناءُ ڪندي اسان جو انتظام کٽن تي رلھيون ۽ ٽول وھاڻن تي ڪيو ويو. سڀ مھمان شاميانن ھيٺان ويھندا ويا.
ڇم ڇم ڇم ..! جي آواز سان ٿاڌل گھوٽجي رھي ھئي ڄڻ ڪمار سانوءَ جي گاني جي ڌن جو ھڪ حصو ھو! ٿاڌل وارن سان جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر اڪرام تنيو چار ڏينھن اڳ ۾ ئي ڳالھايو ھو تھ ..2 ڊاڪٽرن لاءِ مزدور تيار ھجن، متان وڃن ڪنھن ميلي ۾ تھ ڏسون ڪنھن ٻئي کي ! بادام اسان جيترو وٺون اوترو ئي وجھڻو آھي ۽ ڪنھن بھ کيسي ۾ نھ پوي! ڊاڪٽر سڪندر شيخ پيڊس رجسٽرار ڇم ڇم جي آواز تي پئي سئمنگ ڪئي جا ڪپڙا مٽايا ۽ ڊاڪٽر جاويد انب پئي کاڌو ، کلڻ وقت اھو خطرو وري اسان کي ھو تھ انب نھ ڪري پويس جو کلڻو آھي ڏاڍو !
ڊاڪٽر اڪرام چيوتھ ‘‘ مان ننڍو ھوس تھ ھڪ”امڙ” نصيحتون ڪندي ھئي ٻيو ڪالھھ رات کان وٺي گھر ۾ نصيحتون ٿي رھيون ھيون‘‘ اجايو پاڻيءَ سان کوءَنس ڪرڻ چٽي نھ آھي…..!!نھ وڃو…. !‘‘
اھا رات ويندي صبح تائين ھڪ تھ سڀني ڊاڪٽرن کي پڪنڪ پائنٽ تي پھچائڻ ۽ ٻيو انتظام جنھن ۾ ٿاڌل وارن جيڪو رت ڪيو ! ۽ مرغين وارن ۽ بورچين سان نپٽجڻ ۽ باقي انتظام جنھن جي مٿان ھي نصيحتون ، ھر وقت مغز ۾ ٽڪرائجي رھيون ھيون .
پاڻي ۾ گھڙڻ وقت اونھائي جڏھن گوڏن تائين ڏٺائين تھ پاڻيءَ کي لت ئي ھڪ ھنيائين ۽ ٿڌو ساھھ ڀري چيائين مس مس ڪو ذھن تان بار لٿو آھي.
"يارو….! مون کي سنڀاليو ……. مان ھن ۾ بھ نھ ٻڏي وڃان !‘‘
ڊاڪٽر اشفاق اين جي اوز رھنما چيوتھ ‘‘ مان رات پاڻ کي خواب ۾ پاڻيءَ ۾ ٻڏندي ڏٺو اٿم‘‘ تنھن تي ڊاڪٽر شام چيس تھ ان جي تعبير ائين آھي تھ‘‘ تنھنجي حياتي وڏي آھي‘‘ ڪاغذ جي ان ٻيڙي وانگر جيڪا ترندي پئي وئي…!
خيال ڪجو ! اسان جي ھٿن ۾ برف جا ڳوڙھا ڪونھ آھن ! ھي ڪو 7 ھزار فٽ بلنديءَ وارو جبل آھي ڇا ؟ جو جتي ھني مون ملھائڻ لاءِ آيا ھجون ۽ ھڪ ٻئي کي برف پيا ھڻون ! ۽ گانا ڳايون! اچئي ٿو گپ جو ڳوڙھو ، ڊاڪٽر شريف پيرزادي پنھنجي مٺ ۾ پاڻي ھيٺ آٽرين مان کوٽيل واريءِ کي ڪڍندي ڊاڪٽر عجيب ڀٽي کي چيو‘‘ ڊاڪٽر اختر دائي نماڻيون اکيون ڪري عاجزي واري انداز سان چيو. منھنجا بالم ‘‘ اھا وزني گپ بھ مون کي ھڻ جو مان ٻين جو ڏک نھ ڏسي سگھندو آھيان…….!!‘‘
اھو جملو اھڙي طرح پئي نڪتس جيئن فائنل ايم بي بي ايس جا امتحان پئي ڏناسين تھ ھڪ ٻئي سان ڳالھائڻ اھڙو تھ نرم بڻجي ويندو ھيو ، جو اوجاڳا، واءِ وا مٿان واءِ وا ، پيپرن مٿان پيپر ! ميڊيسن ۾ واءِ وا ھئي تھ دوائون ياد ڪرڻ لاءِ انھن جا نالا شاگردن تي رکندا ھيا.
"وڃئي ٿو…. ! Pain Killer ‘‘ او ڊجاگسنو !! ، ڊجاگسن دوا جو نالو(دل کي آرام ڏيندڙ ۽ سسڻ ڦنڊڻ کي صحيح ھلائيندڙ دوا) جو اھو گروپ جتي بھ ويھندو ھو تھ لطيفا ٻڌائيندا ھوا.
اينسيٿسيا پروفيسر ڊاڪٽر درگاھي خان کي گرميءَ ستايو جو ٿوري دير لاءِ ھوا رڪجي وئي، اسٽينڊ فين ٻن کٽن تي ڦرندي ھلي رھيو ھو . مون کيس اک ھنئي. ٻي کٽ واري جو منھن ٻئي پاسي ھيو تھ مان کڻي مٿان بٽڻ مٿي ڪيو ھڪ ھنڌ بيھارڻ لاءِ ، ان ٿوري دير کان پوءِ دانھن ڪئي تھ پکي ڦرڻ ڇو ڇڏي ڏنو ؟ منھنجا پگھر لاھھ ڪڍي ڇڏيا ! مان وڻ جي اوٽ ۾ بيھي چيو ھن ڪمپنيءَ جي پکن جي شڪايت ا ھا عام آھي تھ ھلندي ھلندي بيھجي وڃن ٿا.
پوءِ تھ اھو ڊاڪٽر وڃي ٻئي ھنڌ ويٺو ، ٻي اک ھڻي چيومانس ھاڻي مزي سان ھوا کاءُ ۽ جھڙالي موسم جو مزو وٺ ! ھيءَ کٽ ۽ ھي ‘‘ توھان!‘‘
ڪن کٽن تي اچو تھ چرچا ٻڌون ڊاڪٽر امداد سومرو ھجي ھا تھ ڏاڍو انجاءِ ڪري ھا ! ھتي ڪير نھ کلي ! ڄڻ اٺين جماعت جي شاگردن جو گروپ جيڪي ھر ٽينشن کان فري ھجن !
پنھنجو مڇون ڏٺيون اٿئي ! ڄڻ چئن ۾ چاليھھ منٽ آھن (وال ڪلاڪ) ، واھ سائين مڇون تھ تنھنجون ڄڻ برفيءَ تي مکيون ويٺيون ھن ، اڳي ڀلا شاليمار ھوٽل جي ڀرسان رھندو ھئين ڇا؟ وھنجڻ کان پوءِ وار ائين ٿي ويا ٿي ڄڻ گدري تي وگ پئي آ ! ڪن ڏسيس ڄڻ ڦليل جا ڏيئا آھن…….! تنھنجي ڪنن جون ھيٺيون پاسو ڀلا گذريل سال ڪوئا کائي ويا ھيا ڇا؟ ڊريسنگ سان ڪو چٽو ٿو لڳي ! پر ھيئنر ڄڻ جيلس بازا ۾ پٽاٽا وڪڻندو آ ….!،
پنھنجو ھليو ڏٺو ٿي ؟ ڄڻ ٽرڪ تي انب لوڊ ڪرائيندو آن ! ان ھليي ۾ متان گرلس ھاسٽل وٽان لنگھين ، سامان شفٽ ڪرائيند ئي …..! مزدور سمجھي
ھي ٽوڻا ان زماني جا آھن جڏھن ماڻھن کي دل وندرائڻ لاءِ نھ ٽي وي نھ ڪمپيوٽر ، سي ڊي ، ڊي وي ڊي جو ڪو تصور ھو. پر اڄ بھ ڪنھن کي کلائڻو ھجي تھ پنھنجي حيثيت رکن ٿا.
ڊاڪٽر شريف پيرزادو پري کان ائين پئي لڳو تھ يوگو سلا ويا جي ٽيم آئي آھي. امر لعل فزيوٿراپسٽ ساڻ بيٺو ھوس ھي ڪو آمريڪا جو ٻيٽ ڪونھ ھو ! جتي‘‘ اسٽڪ چيئر‘‘ تي سمھلين جا فوٽو ڪڍجن !
اسان جا والنٽيئر مقرر ٿيل ھئا جن صبح سوير وڏي منڊيءَ تان انب ، ڏوڪا ، زردالو ، آلو بخارا ، صوف ۽ ڄمن جا ڪريٽ پئي ورتا. انھن مان آلو بخارا ۽ زردالن کي ڪوئٽھ زيارت ۾ پٺاڻن پئڪ پئي ڪيو ، ملتان جا واپاري نھ ٺھيا ۽ اھو سودو لاڙڪاڻي فروٽ ايجنٽس موبائل تي طئي ڪيو. ٻڌو اٿم تھ ھر ھڪ شيءِ تي کائڻ واري جو نالو لکيل ھوندو آھي !؟ ‘‘. بار بي ڪيو ‘‘ تيار ٿي رھيو ھيو ، پچندڙ تڪن ۽ ٽانڊن جي خوشبو ! سڀني کنيون پليٽون ڪن تڪڙ ۾ کڻي ڀريون اڃا برياني آئي نھ آھي ھي ڇا؟ ھي ڇا ؟ ڊاڪٽر حبيب ڪنٽڙول ڪري ورتو . پي ايم اي جو صدر جتي ڊاڪٽر ڪئپٽن شاھھ بيگ صاحب ھجي ۽ اتي ڪا شي کٽي !؟ ھنن کي تڪڙ اجايو ھئي. ان ڳالھھ کي ڊاڪٽر حيدري ۽ غفار سانگي ٽي بي اسپيشلسٽ بھ تسليم ڪيو ھو. بيد مشڪ جا وڏا وڻ ، پکين جا آواز ، وھندڙ واھھ جو آواز ڪھڙو پيانو پڄندو ھن ميوزڪ سان ! ؟ ڪئنال جو وھڪرو ، ساوڪ ۽ گلزاري ڪنھن بھ ٽريفڪ جي دونھين کان آزاد فضا، جڏھن نانوائن وڏي تئي تي ماني پئي پچائي تھ خوشبودار دونھان پئي نڪتا سڀني جا موڊ رومانوي بڻجي ويا. راڳيندڙ منظور سمون ھارمونيءَ ۽ ڍولڪ تي پئي راڳ رنگ جي محفل سجائي.
تو ڪونھ ڪيو سعيو….. مان تنھنجي ڪري آيس
پنج ڇھھ ڪلام سٺا ڳايائين ، ڍولڪيءَ کي ڪا صبح کان وٺي چانھھ نھ ملي ھئي ، ٿاڌل تي ھريل ڪونھ ھو ، سندس ڌڪڙن جو آواز راڳيءَ کان رکي رکي ھيٺ مٿي پئي ٿي ويو. عارف پيرا ميڊيڪل اسٽور انچارج بھ پاڻ ملھايو ، سندس آواز شمن علي ميراليءَ سان ملندڙ جلندڙ آھي. ھڪ ڪلام ڳايائين
آيو منھجو سھڻو آيو
سندس مٿان نوٽ گھورجي رھيا ھئا. بريانيءَ جون پڪي پڪائي ديڳيون پھچي ويون . سوزڪي ڊرائيور ھارون پئي ڏيندو آيو ، سندس ھارون ڄڻ بک وڌائيندڙ دوا Appetite Stimulant جو ڪم پئي ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button