پيپلز پارٽي عوام جي طاقت ۾ يقين رکي ٿي، ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه
خيرپور:قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ خيرپور ترقياتي اسڪيمن جي ميمبر ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني چيو آهي ته موجوده حڪومت ملڪ ۽ سنڌ صوبي اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن جڏهن هزارين بيروزگارن کي روزگار ڏنو ويو آهي. هن اهڙو اظهار سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ عام ماڻهن جي مختلف وفدن سان ملاقاتون ۽ ڊي سي هائوس خيرپور ۾ ضلعي اندر مڪمل توڙي هلندڙ ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد جماعت آهي جيڪا عوام جي طاقت ۾ يقين رکي ٿي ۽ جڏهن به اقتتدار ۾ آئي آهي عوام جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪئي آهي. ان موقعي تي ڊي سي هائوس خيرپور ۾ گڏجاڻي ڪندي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه چيو ته ضلعي اندر ترقياتي اسڪيمن جي مڪمل منصوبا بندي تحت ڪم ڪرايو وڃي جڏهن ته ترقياتي اسڪيمن جي ڪمن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ انجنيئرن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ڪئپٽن انوار الحق گڏجاڻي دوران ضلعي جي مختلف ترقياتي ڪمن جي تفصيلي بريفنگ ڏني. ڊي سي خيرپور محمد عباس بلوچ ٻُڌايو ته خيرپور ضلعي جي ترقياتي اسڪيمن جي نگراني ڪئي پئي وڃي ان سلسلي ۾ نگراني لاءِ ايس اي ورڪس اينڊ سروسز سکر جي سربراهي ۾ هڪ ٽيم جوڙي وئي آهي جنهن ضلعي جي ڪجهه ترقياتي اسڪيمن جي ڪمن جو جائزو وٺي رپورٽ موڪلي آهي. ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ کي ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان پراپر پلاننگ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون جڏهن ته ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان غير معياري ڪم ڪرائڻ جي سلسلي ۾ بلڊنگ ۽ روڊس کاتي جي انجنيئرن کي ايڪسپلينيشن ڏيڻ جا حُڪم جاري ڪيا. گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ، اِي ڊي او هيلٿ ڊاڪٽر ڪئپٽن احسان الله سيال، پبلڪ هيلٿ کاتي جي انجنيئرن، ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي انجنيئرن، سوشل ويلفيئر، سيپڪو، گيس، نساسڪ، صحت، ٽي ايم اي خيرپور ۽ ٻين کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي کان بعد ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ مختلف ماڻهن جي وفدن سان ملاقاتون ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون.