پير پاڳاري مونکي عوامي نمائندو بڻائي عوام جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو آهي، محمد راشد شاهه راشدي
پير جو ڳوٺ ( رپورٽر) حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل ليگ سربراهه پير پاڳاري جي وڏي فرزند فنڪشنل ليگ سنڌ جي نائب صدر سيد محمد راشد شاهه راشدي چيو آهي ته پير پاڳاري مونکي عوامي نمائندو بڻائي عوام جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو آهي جيڪڏهن مونکي عوام جي خدمت بجاءِ وزير ٿيڻو هجي ها ته آئون بنا مقابلي سانگهڙ يا کپرو جي تڪ مان اليڪشن کٽي سگهان ٿو پر آئون غريب توڙي بيپهچ عوام جي حقن لاءِ ميدان ۾ لٿو آهيان، هن اهڙو اظهار پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ ڏانورو ڦلپوٽو ۾ ڦلپوٽا برادري پاران ڏنل افطار پارٽي بعد ڪارڪنن جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سيد محمد راشد شاهه راشدي چيو ته پاڪستان اندر وياج خورن عوام جون جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي جنهن لاءِ آئون چيف جسٽس آف پاڪستان کي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته وياج بابت اوهان جي عدالت ۾ معاملو هلندڙ آهي ان بابت جلد فيصلو ڏنو وڃي ته جيئن وياج خورن مان غريب ۽ مسڪين عوام جان بچائي سگهي هن چيو ته اسان وياج خورن جي علائقي مان هڪ هيرو تنوير وساڻ چونڊي ٻاهر ڪڍي آيا آهيون هن چيو ته سنڌ اندر عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي لاءِ توهانکي گهرجي ته پنهنجي عورتن کي فنڪشنل ليڊيزونگ ۾ شموليت اختيار ڪرايو ته جيئن عورتن جي مسئلن جي نمائندگي ٿي سگهي ۽ اسلام عورتن لاءِ پردي جو حڪم ڏي ٿو جنهن لاءِ توهان پنهنجي عورتن کي پردي ۾ رکو، هن چيو ته اسان اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ به پيرڳوٺ کي ئي پنهنجو هيڊڪوارٽر قائم رکنداسين، ان موقعي تي فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻن طاهر امتياز ڦلپوٽو، سيد عقيل حيدر شاهه، ارشاد ڌاريجو، ڄام انعام الله مهيسر، تنوير وساڻ، ايڊوڪيٽ سليم ڪيريو، شفقت مهيسر ۽ ٻين پڻ ڪارڪنن جي ميڙاکي کي خطاب ڪيو، هوڏانهن تقريب دوران ڳوٺ سائيڏنو ميتلو جي چڱي مڙس وڏيري عبدالڪريم ميتلو برادري سميت فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي فنڪشنل ليگ اڳواڻ اڳوڻو سينيٽر چوڌري ساجد حسين، سيد علي حيدر شاه راشدي، سليمان مڱريو، اميد علي راجپوت، نجيب الله شاهه راشدي، اعجاز ٻگهيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.