پير جو ڳوٺ

پير جو ڳوٺ: اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري عدالت ۾ پيش

Victim of Adultry
اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) وڏا مهيسر مان اغوا بعد اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري عدالت ۾ پيش، عدالت پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نوٽيس جاري، ناري جو ميڊڪل چيڪ اپ پڻ ڪرايو ويو، رپورٽ موجب، وڏا مهيسر مان ٻه مهينا اڳ هٿياربندن هٿان اغوا بعد اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري جاويدان ڌيءُ ارباب علي مهيسر کي ڪالهه سومر ڏينهن احمدپور پوليس ڪنگري جي ڪورٽ ۾ جسٽس دين محمد مگسي جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي ناري جاويدان جو بيان قلم بند ڪيو ويو ناري جي بيان ٻڌڻ بعد عدالت سڳوري ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته احمدپور پوليس پيرڳوٺ اسپتال مان ناري جو ميڊيڪل چيڪ اپ پڻ ڪرايو جنهن جي حتمي رپورٽ 3 ڏينهن بعد جاري ڪئي ويندي. هوڏانهن ناري جاويدان بدستور گهمڻ ڦرڻ لاءِ لاچار بڻيل آهي جنهن کي عدالت ۾ پڻ گاڏي تي آندو ويو هو. ياد رهي ته لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري جو ڪيس احمدپور ٿاڻي تي سندس پيءُ مولانا ارباب علي مهيسر جي فرياد تي 11 جوابدارن مٿان داخل ٿيل آهي جن مان مک جوابدار ظفر ميتلو سينٽرل جيل خيرپور ۾ قيد آهي باقي جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button