پيرڳوٺ ۾ هيپاٽائيٽس کان بچاءُ لاءِ مفت ڪيمپ لڳائي وئي
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) پيرڳوٺ ۾ سماجي تنظيم پاران هيپاٽائيٽس کان بچاءُ لاءِ مفت ڪيمپ لڳائي وئي، 700 مريضن جون ٽيسٽون ڪرڻ سان گڏ کين مفت ويڪسين پڻ ڪئي وئي، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ ۾ سماجي تنظيم الرا ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران ڊاڪٽر الطاف ميراڻي جي نگراني وزير اعليٰ سنڌ جي خصوصي پروگرام “ هيپاٽائيٽس کان پاڪ سنڌ“ جي تعاون سان هيپاٽائيٽس کان بچاءَ لاءِ مفت ڪيمپ لڳائي وئي ڪيمپ ۾ سکر جي ناليوارين ڊاڪٽرن جاويد احمد ڦلپوٽو، اختر ڦل ۽ ٻين 700 کان وڌيڪ مريضن جي هيپاٽائيٽس سي ۽ بي (ڪاري ڪامڻ) جون ٽيسٽون ڪرائڻ بعد کين هيپاٽائيٽس کان بچاءُ جون ويڪسين پڻ هنيو جڏهن ته 700 مان 150 مريضن کي ڪاري ڪامڻ هئڻ جي تصديق ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر الطاف ميراڻي ۽ ٻين چيو ته اسان غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خدمت لاءِ هي ڪيمپ لڳائي آهي جنهن سان هتان جي رهواسين کي ڪامڻ کان بچاءُ لاءِ ڪوششون ورتيون آهن