پيرڳوٺ ۾ نوجوان ناري مڙس ۽ ڏيرن جي ظلم کان تنگ ٿي ٿاڻي تي پهچي وئي
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) پيرڳوٺ ۾ نوجوان ناري مڙس ۽ ڏيرن جي ظلمن کان تنگ ٿي ٿاڻي تي پهچي وئي، اين سي داخل، مڙس گرفتار، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ جي ڪچي آبادي پاڙي جي رهواسڻ 18 ساله نوجوان ناري نائله ڌيءُ مرحوم غلام اڪبر ميربحر پيرڳوٺ ٿاڻي تي پهچي دانهيندي چيو آهي ته سندس مڙس رمضان ڇڄڙو ۽ ڏير ممتاز ڇڄڙو مٿس ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي ۽ هو روزانو بنا جواز تشدد ڪري گهر اندر ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏين ٿا هن چيو ته گذريل ڏينهن منهنجي ماءُ حسنه ميربحر مون وٽ آئي جنهن مونکي ڪمري ۾ بند ڏسي مزاحمت ڪئي ته ڄاڻايل مڙس ۽ ڏير منهنجي ماءُ کي پڻ سخت تشدد ڪيو آهي جڏهن ته منهنجي ماءُ جي رڙين تي مڙس ۽ ڏير فرار ٿي ويا جنهن بعد منهنجي ماءُ مونکي ڪمري مان آزاد ڪرايو آهي ناري جي اهڙي دانهن تي پيرڳوٺ پوليس ناري جي مڙس ۽ ڏير مٿان اين سي داخل ڪندي سندس مڙس رمضان ڇڄڙو کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي هوڏانهن پيرڳوٺ پوليس ناري کي سندس ماءُ حسنه ميربحر جيڪا دنگ واري مسجد جي رهواسڻ آهي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي