پيرڳوٺ ۾ فنڪشنل ليگ جو اجلاس، نئين باڊي جوڙي وئي
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) پيرڳوٺ ۾ فنڪشنل ليگ جو اجلاس، نئين باڊي جوڙي وئي، سيد نجيب الله شاهه راشدي صدر ۽ محمد سليمان مڱريو جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا، رپورٽ موجب، حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه پير پاڳاري جي وڏي فرزند سيد محمد راشد شاهه راشدي جي هدايتن ۾ فنڪشنل ليگ پيرڳوٺ جو اهم اجلاس سيد نجيب الله شاهه جي رهائشگاهه تي ٿي گذريو جنهن ۾ فنڪشنل ليگ اڳواڻن ڪارڪنن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي فنڪشنل ليگ پيرڳوٺ جي نئين باڊي جوڙي وئي جنهن ۾ سيد نجيب الله شاهه راشدي فنڪشنل ليگ پيرڳوٺ جو صدر، سينئر نائب صدر استاد عبدالخالق خلجي، نائب صدر مشتاق ميمڻ، جوائنِٽ نائب صدر عبدالغفار سونارو، جنرل سيڪريٽري محمد سليمان مڱريو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري نويد الدين کوکر، فنانس سيڪريٽري اصغر ملاح، پريس سيڪريٽري اصغر خاصخيلي، آفيس سيڪريٽري عبدالقدير عباسي، اطلاعات سيڪريٽري فقير راڻو مڱڻيجو کي اتفاق راءِ سان چونڊيو ويو، جڏهن ته پيرڳوٺ شهر کي فنڪشنل ليگ جي 7 يونٽن ۾ ورهائي انهن جا عهديدار توڙي ميمبر پڻ چونڊيا ويا.