مختصر خبرون

پيرڳوٺ لڳ هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل ڳوٺاڻن جو ڪو پتو نه پيو

خيرپور (ڊر) پيرڳوٺ لڳ هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل ڳوٺاڻن جو ڪو پتو نه پيو. پوليس ۽ ڳوٺاڻا پيرا وڃائي موٽي آيا. مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو. خبر موجب پيرڳوٺ لڳ ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماڻڪ ڪانڌڙو ۾ پاڻي جي واري تان اغوا ٿيل 40 سالا ڪريم بخش پٽ محمد حاجن ڪانڌڙو ۽ 23 سالا الطاف علي پٽ نور محمد ڪانڌڙو جو وارثن کي ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي. ٽنڊومستي پوليس ۽ ڳوٺاڻن مغوين ۽ هٿياربندن جا پيرا کنيا جيڪي ڪنگري جي ڪچي واري علائقي ڪي ٽي ممتاز وٽ گم ٿي ويا آهن ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند مغوين کي ٻيڙي تي درياءِ پار ڪرائي ڀرواري ضلعي ڏانهن وٺي ويا آهن ۽ ڪوشش ڪري مغوين کي جلد واپس ڪرايو ويندو. ٻئي طرف مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي ۽ سندن وارث عورتون پاڪ ڪتاب جو ورد ڪري رهيون آهن. ياد رهي ته اڱاري واري رات ڄاڻايل ڳوٺ مان 5 کان وڌيڪ هٿياربند پاڻي جي واري تي ويل ڄاڻايل ڳوٺاڻن کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن. مغوين جي موبائل فون سندن وارثن محراب ڪانڌڙو ۽ ٻين کي ٻني وٽان هٿ آئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button