پير جو ڳوٺ

پيرڳوٺ لڳ نوجوان هٿياربندن هٿان اغوا

جو ڳوٺ 1 جولاءِ پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) پيرڳوٺ لڳ نوجوان ڳوٺاڻو هٿياربندن هٿان اغوا، پيرڳوٺ ۽ احمدپور پوليس وچم حد بندي تڪرار، ڪيس داخل نه ٿيو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ جيها مسجد واري علائقي ڳوٺ خير محمد جيهو جو رهواسي 24 ساله نوجوان ڳوٺاڻو بشير احمد پٽ هزار خان جيڪو گذريل رات ڳوٺ ڀرسان فصل کي پاڻي ڏيڻ ويو ته هٿياربند کيس اغوا ڪري کنڀي کڻي ويا، نوجوان جي اغو جي تصديق تڏهن ٿي جڏهن صبح جو گهر نه پهچڻ تي ڳوٺاڻن سندس ڳولا ڪئي ته هن جي زمين وٽان سندس جوتا هٿ آيا اهڙي صورتحال بعد ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو اطلاع تي پيرڳوٺ ۽ احمدپور پوليس ڳوٺاڻن سان گڏجي واقعي واري هنڌ پهچي هٿياربندن جا پيرا کنيا جيڪي ڪچي جي ڳوٺ حيات اڄڻ واري علائقي ۾ هنيا ويا آهن ان ڏس ۾ احمدپور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان جتان اغوا ٿيو آهي اها اسانجي نه پر پيرڳوٺ ٿاڻي جي حد آهي هوڏانهن پيرڳوٺ ٿاڻي جي ايس ايڇ او رضوان احمد ناريجو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڄاڻايل حد پيرڳوٺ نه پر احمدپور ٿاڻي جي حد آهي پر تنهن هوندي به اسان مدد طور احمدپور پوليس سان گڏ پيرا کڻائي ڪچي جي حيات اڄڻ واري علائقي ۾ شيخ ڳوٺ ۾ وڌا آهن جتان 3 ڳوٺاڻن مختيار شيخ، جمال الدين، جلال شيخ کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي جن کان پڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهيون ۽ جلد نوجوان کي بازياب ڪرايو ويندو، هوڏانهن واقعي سبب علائقي ۾ سخت خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button