مختصر خبرون
پيرڳوٺ لڳ جوڳي برادري جي ٻن ڌرين ۾ گڏهه جي پئسن تان جهيڙو
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) پيرڳوٺ لڳ جوڳي برادري جي ٻن ڌرين ۾ گڏهه جي پئسن تان جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي، اين سي داخل، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ جوڳي ۾ جوڳي برادري جي ٻن ڌرين مشتاق جوڳي ۽ وزير جوڳي ۾ گڏهه جي پئسن جي ڏيتي ليتي تان جيهڙو ٿي پيو جنهن ۾ لٺيون لڳڻ ڪري ممتاز جوڳي ۽ وزير جوڳي زخمي ٿي پيا جن کي پيرڳوٺ اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي، ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مشتاق جوڳي پنهنجو گڏهه 60 هزار رپين ۾ وزير جوڳي کي وڪرو ڪيو هو جنهن جا پئسا نه ملڻ تان ڌرين ۾ جيهڙو ٿي ويو. هوڏانهن پيرڳوٺ پوليس مشتاق جوڳي جي فرياد تي وزير جوڳي سميت 2 ڄڻن مٿان اين سي داخل ڪري ورتي آهي.