مختصر خبرون
پيرڳوٺ جا ٻه نوجوان صحافي هٿياربندن هٿان يرغمال
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) پيرڳوٺ جا ٻه نوجوان صحافي هٿياربندن هٿان يرغمال، موٽر سائيڪل، 50 هزار روڪ رقم ۽ موبائيل فونون ڦر، اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ جا ٻه نوجوان صحافي اسلام الدين عباسي ۽ علي گل جوڻيجو جيڪي پيرڳوٺ کان خيرپور وڃي رهيا هئا ته اوچتو آٽيري ڀرسان 3 موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن کين يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل، 50 هزار روڪ رقم، 2 موبائيل فونون ڦري فرار ٿي ويا، هوڏانهن صحافين اسلام الدين عباسي ۽ علي گل جوڻيجو ٻڌايو ته واقعي جو ڦوري طور تي سي سيڪشن خيرپور پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس نه پهتي جنهنڪري هٿياربند آساني سان فرار ٿي ويا، ٻئي طرف پيرڳوٺ جي صحافين ڄاڻايل صحافين کان ٿيل ڦر واقعي جي سخت مذمت ڪندي ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي آهي ته صحافين کان ڦر ڪيل سامان جلد واپس ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.